اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته تلخيون گهٽائڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.اڳوڻو وفاقي وزير فواد چوڌري 9 مئي تي دهشتگردي ڪيس ۾ عبوري ضمانت ختم ٿيڻ تي لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي، ضمانتون به هلندڙ آهن. فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن توهان هڪ ڪيس ۾ ٻاهر نڪتا ته ٻئي ۾ توهان کي گرفتار ڪيو ويندو، اسان جي پراسيڪيوشن برانچ مڪمل طور تباهه ٿي چڪي آهي. هنن جو اهو به چوڻ آهي ته رياستي ڍانچو انهن ادارن تي بيٺل آهي جن کي تباهه ڪيو پيو وڃي، اهي عدالتن کي تباهه ڪرڻ جي پٺيان پيا آهن.










