هنگلاج ماتا جو ميلو، ياترين جي رڪارڊ تعداد ۾ شرڪت

هنگلاج ماتا جو ميلو، ياترين جي رڪارڊ تعداد ۾ شرڪت

لسٻيلو(ويب ڊيسڪ)هزارين هندو برادري جي ماڻهن، لسبيلا ضلعي ۾ واقع هنگلاج ماتا جي مندر واري ٽن ڏينهن جي سالياني ميلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي. هي ميلو آچر تي پڄاڻي تي پهتو. ميلي ۾ وڏي تعداد ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا، پاڪستان جي مختلف علائقن سميت پرڏيهه مان به هندو برادري جي ماڻهن هن ٽن ڏينهن واري ميلي ۾ شرڪت ڪئي. هنگلاج ماتا جو مندر بلوچستان جي شهر اٿل کان لڳ ڀڳ 140 ڪلوميٽر اولهه طرف جبلن ۾ واقع آهي. هن مندر کي هندو عقيدي موجب وڏين زيارتن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. مذهبي ميلي جي افتتاحي تقريب 2 اپريل تي ٿي هئي. ميلي جي منتظمين مطابق، هن سال رڪارڊ حاضري ڏسڻ ۾ آئي، جتي لڳ ڀڳ 200,000 زيارتين ٽن ڏينهن دوران ميلي ۾ شرڪت ڪئي. زيارتين مختلف مذهبي رسمن ۾ حصو ورتو، جن ۾ هنگول نديءَ ۾ پاڪ غسل، چندرگپ مٽيءَ جي آتش فشاں تي نذراڻا ڏيڻ ۽ هنگلاج ماتا جي غار مندر ۾ عبادت شامل هئي. شري هنگلاج ماتا ويلفيئر منڊلي پاران زيارتين لاءِ، خاص ڪري انهن لاءِ جيڪي اگهاڙي پيرين آيا هئا، 24 ڪلاڪ مفت خوراڪ ۽ مشروب جا اسٽال (ڀنڊارا) لڳايا ويا هئا ته جيئن هو پنهنجا روحاني عهد پوري ڪري سگهن. سينيٽر دنيش ڪمار، ڊپٽي ڪمشنر لسبيلا حميرا بلوچ، ايس ايس پي عاطف امير، قبائلي سردار ۽ سينيئر سرڪاري عملدارن ميلي جو دورو ڪري انتظامي ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو. سينيٽر ڪمار، جيڪو اختتامي تقريب ۾ شريڪ ٿيو، چيو ته هنگلاج ماتا جو ڪامياب ميلو ۽ هزارين هندن جي شرڪت ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان ۾ اقليتون مڪمل مذهبي آزادي سان زندگي گذاري رهيون آهن. هن ٻڌايو ته بلوچستان اسيمبلي ۾ هندو برادري جا ٽي چونڊيل نمائندا موجود آهن، جڏهن ته هو پاڻ سينيٽ ۾ ان برادري جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته بلوچستان حڪومت ميلي لاءِ فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا، ۽ شرڪت ڪندڙن جي حفاظت لاءِ فوج، فرنٽيئر ڪور، پوليس ۽ ليويز جي 1,100 کان وڌيڪ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته لسبيلا ضلعي جي انتظاميا منتظمين سان مڪمل سهڪار ڪيو. صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي هن تقريب لاءِ وسيع انتظام ڪيا هئا.پاڪستان ڪوسٽ گارڊز به چار ڏينهن جو مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳايو، جتي مرد ۽ عورت ڊاڪٽرن زيارتين جو علاج ڪري کين مفت دوائون ڏنيون. 5 هزار سال پراڻو هي مندر دنيا جي هندن لاءِ وڏي عقيدت جو مرڪز آهي۔ 2006 ۾، ڀارت جي اڳوڻي پرڏيهي وزير جسونت سنگهھ به پاڪستان جي خيرسگالي دوري دوران هن مندر جو دورو ڪيو هو. هن پاڪ هنڌ تي ٿيندڙ ساليانو ميلو پاڪستان جي هندو برادري لاءِ روحاني اهميت رکندڙ آهي ۽ بين المذهبي هم آهنگي جي هڪ طاقتور علامت پڻ آهي. مقامي مسلمان قبيلن زيارتين جي ميزباني ۽ مدد ڪئي، جيڪا هن علائقي ۾ مذهبي رواداري ۽ گڏيل بقائي جي پراڻي روايت جي عڪاسي ڪري ٿي. ياد رهي ته هن سال هي ميلو ان وقت ٿي رهيو آهي جڏهن پهلگام واقعي سبب ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ڇڪتاڻ عروج تي پهتل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو