هاءِ ويز جي بندش سبب بلوچستان ۾ پيٽرول جو بحران

هاءِ ويز جي بندش سبب بلوچستان ۾ پيٽرول جو بحران

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ گذريل 4 ڏينهن کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي شديد کوٽ آهي. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڌرڻي سبب ڪوئيٽا-ڪراچي قومي شاهراهه بند، آئل ڊليوري ڪمپنيون پيٽرول سپلاءِ نه ڪري سگهيون. رپورٽ موجب بلوچستان حڪومت 28 جولاءِ تي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي قافلي کي گوادر ۾ بلوچ راجي موچي (بلوچن جي قومي اجتماع) ۾ پهچڻ کان روڪڻ لاءِ ڪيترن ئي شاهراهن کي بلاڪ ڪري ڇڏيو هو. گيراني پيٽرول ۽ ڊيزل، جن جا اگهه ٻين پيٽروليم شين جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن، انهن جي سرحدي علائقن مان موڪلن تي پڻ منفي اثر پئجي رهيو آهي.ڪوئيٽا جي اڪثر پيٽرول پمپن تي ”فيول ناٽ اويليبل“ جا بورڊ لڳل آهن، ڪجهه پيٽرول پمپن تي ايراني پيٽرول به وڌيڪ اگهه تي وڪرو ڪيو پيو وڃي ۽ انهن پمپن تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون آهن.رپورٽن مطابق ڪوئيٽا جي ژوب، بارکان ۽ ٻين علائقن ۾ ايراني پيٽرول 550 رپيا في ليٽر تائين وڪرو ٿي رهيو آهي.جڏهن ته بلوچستان پيٽروليم ايسوسيئيشن جي هڪ عهديدار جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي ترسيل بحال ٿي وئي آهي ۽ ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ صورتحال بهتر ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو