نگران حڪومت نيب ۾ مقررريون نٿي ڪري سگهي: رباني

نگران حڪومت نيب ۾ مقررريون نٿي ڪري سگهي: رباني

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني غزه تي اسرائيلي بمباري خلاف ۽ فلسطينين سان اظهار يڪجهتي ۽ بحث لاءِ فوري طور تي سينيٽ اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.رضا رباني چيو آهي ته غزه ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ عمارتون پٽ پئجي ويون آهن. 23 لک کان وڌيڪ ماڻهن لاءِ پاڻي بجلي جي فراهمي سميت خوراڪ جي سپلاءِ معطل آهي.نگران حڪومت سينيٽ جو اجلاس نه گهرائي پاڪستاني عوام جي جذبات جي عڪاسي نه پئي ڪري.اڳوڻي سينيٽ چيئرمين چيو ته نگران حڪومت کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن سينيٽ اجلاس گهرايو ويو ته چونڊن تي سوال اٿاريا ويندا. هن چيو ته نگران حڪومت نيب ۾ مقررريون نٿي ڪري سگهي. نيب ۾ مقرريون مقرر مدي لاءِ هونديون آهن جن کي چونڊيل حڪومت به تبديل نٿي ڪري سگهي. اهي قدم چونڊ ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 230 سي جي ڀڃڪڙي آهن.ميان رضا رباني وڌيڪ چيو ته پبلڪ سيڪٽر يونٽس جي نجڪاري ڊگهي مدي لاءِ هونديون آهن جنهن کي نگران حڪومت نٿي ڪري سگهي. پي آءِ اي جي نجڪاري وفاقي ڪابينا جي فيصلي جو سوال نه آهي پر اهو معاملو سي سي آءِ ۾ اٿارڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو