نيوي پاران سمنڊ کان هوا ۾ مار ڪندڙ ميزائل جو ڪامياب تجربو

نيوي پاران سمنڊ کان هوا ۾ مار ڪندڙ ميزائل جو ڪامياب تجربو

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي مطابق، پاڪستان نيوي اتر عربي سمنڊ ۾ ايف ايم-90 اين اي آر زمين کان هوا ۾ مار ڪندڙ ميزائل جي ڪامياب لائيو فائرنگ ذريعي پنهنجي جنگي صلاحيت ۽ آپريشنل تيارين جو مظاهرو ڪيو آهي.ٻڌايو ويو آهي ته هن فائر پاور مظاهري دوران، فضائي هدفن کي وڏي رفتار سان ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو. لائيو ميزائل فائرنگ جو ڪامياب مظاهرو پاڪستان نيوي جي آپريشنل صلاحيت ۽ جنگي تيارين جو ثبوت آهي.ترجمان موجب، ڪمانڊر پاڪستان فليٽ ريئر ايڊمرل عبدالمنيب فائر پاور ڊسپلي جو مشاهدو ڪيو ۽ پاڪستان نيوي جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو.ڪمانڊر پاڪستان فليٽ، فائرنگ ۾ حصو وٺندڙ آفيسرن ۽ جوانن جي پيشه ورانه صلاحيت، عزم ۽ لگن جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستان نيوي هر قيمت تي ملڪ جي بحري دفاع ۽ قومي بحري مفادن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي.فليٽ ڪمانڊر ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان نيوي ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ هميشه تيار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو