نيون چونڊون ڪرائي سگهان ٿو، دٻاءُ قبول نه ڪبو،وزيراعظم

نيون چونڊون ڪرائي سگهان ٿو، دٻاءُ قبول نه ڪبو،وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام اسان سان گڏ آهي، پي ڊي ايم جو لانگ مارچ اين آر او لاءِ آهي، ڪنهن به قسم جو دٻاءُ قبول نه ڪندس، ڀلي  منهنجي جان هلي وڃي پر ملڪ لٽيندڙن سان ڪو سمجهوتو نه ڪندس ۽ کين نه ڇڏيندس. اهڙو اظاهر هن ڪور ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيوته اسين اقتدار جا بکيا ناهيون، نيون چونڊون ڪرائڻ سميت سڀ آپشن آهن، وقت ۽ حالتن موجب فيصلو ڪنداسين، عوام چورن مان بيزار آهي ۽ اسان سان گڏ آهي. هن چيو ته هو جلد غريبن، هارين ۽ مزدورن جي بهتري، ڪيش سپورٽ ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ بابت اهم اعلان ڪنداسين. هن چيو ته اپوزيشن وارا اسانجا سينيٽر خريڊن چاهين ٿا پر سڀاڻي فتح اسانجي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو