پيرجوڳوٺ (صفي الله مڱڻيجو) مهراڻ ڪالوني ۾ جوابدار 10 سالن جي نينگر اسد ٻپڙ کي کجين جي باغ ۾ کنڀي مبينا بدفعلي ڪري فرار ٿي ويو هو نينگر رت ڳاڙيندو گهر پهتو. اطلاع تي پيرڳوٺ پوليس زيادتي جو شڪار ٿيل نينگر اسد ٻپڙ جي وارثن جي فرياد تي اين سي داخل ڪري نينگر کي ميڊيڪل لاءِ اسپتال موڪلي ڇڏيو. ٻئي طرف پوليس نينگر سان بد فعلي ڪندڙ جوابدار صابر لاڙڪ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ بدفعلي جو شڪار نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدار بااثر آهن جن اسان سان وڏو ناحق ڪيو آهي.










