ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجينئر سيد صلاح الدين احمد جي هدايتن تي واٽر ڪارپوريشن اختيارين نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب پاڪستان ويسٽ انڊيز وومين ڪرڪيٽ سيريز جي سلسلي ۾ اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن، ان ڏس ۾ سي او او واٽر ڪارپوريشن انجينئر اسدالله خان جو چوڻ هو تہ اسٽيڊيم جي آسپاس پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون سموريون شڪايتن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويو آھي جڏهن تہ سيريز جي دوران اسٽيڊيم ۾ مفت واٽر ٽينڪرز فراهم ڪيا ويندا، ھن ٻڌايو تہ انچارج هائيڊرنٽس سيل الاهي بخش ڀٽو سمورن انتظامن جي نگراني ڪندو ۽ فوڪل پرسن برائي هائيڊرنٽس سيل شھباز بشير سمورن انتظامن جو ذاتي طور تي جائزو وٺندي اسٽيڊيم ۾ موجود رھندو، ھن چيو تہ سيريز جي دوران اسٽيڊيم اندر واٽر ٽينڪرز، جيٽنگ ۽ سڪشن مشينون موجود رھنديون ۽ ڪنهن بہ شڪايت يا هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ واٽر ڪارپوريشن جو عملو اسٽيڊيم ۾ موجود رھندو، ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ ڪراچي ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز وومين ڪرڪيٽ سيريز جو انعقاد انٽرنيشنل ڪرڪيٽ لاءِ ھڪ سٺو پيغام آهي ۽ ان ڏس ۾ واٽر ڪارپوريشن پي سي بي سميت ٻين لاڳاپيل ادارن سان گڏجي سيريز جي ڪاميابي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.










