نيتن ياهو خلاف ڪرپشن ڪيس جي ڪاروائي ملتوي

نيتن ياهو خلاف ڪرپشن ڪيس جي ڪاروائي ملتوي

يروشلم(ويب ڊيسڪ)هڪ اسرائيلي عدالت وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي ڪرپشن ڪيس ۾ گواهي لاءِ اربع ڏينهن مقرر ٿيل ٻڌڻي رد ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.
ٽائمز آف اسرائيل موجب عدالت جو اهو فيصلو نيتن ياهو جي درخواست کان پوءِ آيو، جنهن ۾ هن چيو هو ته هو “سيڪيورٽي ۽ سفارتي معاملن” ۾ مصروف آهي.
اسرائيلي وزيراعظم تي ٽن ڪيسن ۾ ڪرپشن، رشوت ۽ اعتماد جي ڀڃڪڙي جا الزام آهن، جن بابت فردِ جرم 2019ع ۾ داخل ڪئي وئي هئي۔
نيتن ياهو جا قانوني مسئلا، جيڪي لڳ ڀڳ ڏهه سال اڳ ٿيندڙ جاچ کان شروع ٿيا هئا، اسرائيلي سياست کي ورهائي ڇڏيو آهي ۽ 2019 (فردِ جرم وارو سال) کان 2022 تائين ٿيندڙ پنج چونڊن دوران سياسي صورتحال کي غير مستحڪم ڪيو آهي۔ ايندڙ چونڊون آڪٽوبر 2026 جي آخر تائين ٿيڻيون آهن۔
ڪرپشن الزامن کان علاوه، نيتن ياهو خلاف 2024 کان انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ طرفان غزه ۾ جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهن تي گرفتاري وارنٽ پڻ جاري ٿيل آهي۔
رپورٽن موجب، آڪٽوبر 2023 کان شروع ٿيندڙ ٻن سالن دوران اسرائيل غزه ۾ 72,000 کان وڌيڪ ماڻهن کي قتل ڪيو آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو