تحرير عبدالمجيد بروھي
جڏھن پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم ۾ ڪجھ دوريون ٿيون تـ وفاقي حڪومت پنھنجي چالاڪي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ھر ھڪ نيوز چئنل تي اچي خوشي مان چوڻ لڳا تـ پي ڊي ايم ھاڻي ختم ٿي وئي آھي ان سان گڏو گڏ ڪجھ اھڙا بيان پ پ پ جي قيادت پاران ن ليگ وارن جي بيانن جي روشني ۾ ڏنا جنھن سان ماحول وڌيڪ خرابي طرف وڌڻ لڳو جنھنجو فائدو حڪومتي اتحاد وارا وٺڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويا پي ڊي ايم وارن کي پاڻ ۾ وڙھڻ ۾ لڳل ڏسي وفاقي حڪومت پاران ن ليگ وارن کي سوڙھو ڪرڻ جي لاء ھڪ تـ مريم نواز خلاف نيب پاران ھاء ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرايائون تـ مريم نواز پنھنجي ضمانت جو ناجائز فائدو وٺي حڪومت ۽ رياستي ادارن خلاف ڳالھائي رھي آھي جنھن جي ضمانت رد ڪئي وڃي جنھن تي سوال اھي اٿيا تـ نيب جو سياسي معاملن ۾ ڇا وڃي اگر مريم نواز سياسي بيان ڏئي رھي آھي تـ پوء نيب ڇو پريشان آھي بحرحال ھاء ڪورٽ ان ڳالھ کي ٻڌڻ بنا سماعت اڻڄاتل مدي تائين ختم ڪري ڇڏي ان بعد وري نيب پاران مريم نواز کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو ان کان اڳ جڏنھن نيب پاران مريم نواز کي گھرايو ويو ھيو تـ ان وقت مريم نواز مٿان قاتلاڻو حملو پڻ ٿيو ھيو پر ھن ڀيري ن ليگ پاران پنھنجي قائد جي نياڻي کي اڪيلي نيب آفيس وڃڻ ڏيڻ بجاء تمام ايم اين ايز ايم پي ايز سينيٽرز سميت مرڪزي عھديدارن ساڻس گڏجي نيب آفيس وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو ان بعد حڪومت پوء بـ انھن کي اگنور ڪندي چيائون تـ صرف ن ليگ وارا اچن ويا انھن کي پنجاب پوليس جي مدد سان منھن ڏئي وينداسين پوء جڏنھن مولانا فضل الرحمان جاتي امرا پھچي مريم نواز سان مليو اتي ليگي قيادت کي يقين ڏياريائين تـ پي ڊي ايم انھن سان گڏ آھي ۽ پريس ڪانفرنس ۾ اھو اعلان ڪيوـويو تـ پي ڊي ايم ۾ شامل تمام پارٽين جا ڪارڪن اڳواڻ ۽ چونڊيل نمائندا پڻ مريم نواز سان گڏجي نيب آفيس ويندا ان ۾ بي يو آء جا لٺـبردار بـ شامل ھوندا جنھن بعد وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت صرف پنجاب پوليس تي ڀروسو نـ ڪري سگھيا ۽ انھن رينجرز کي پڻ حاضري وراي ڏينھن گھرايو واضع ڪندو ھلان تـ ان وقت تائين پ پ پ پاران ڪو اعلان نـ ڪيو ويو ھيو تـ اھي ان نيب گردي خلاف مريم نواز سان گڏ ويندا يا نـ پر جڏنھن وفاقي حڪومت تمام ڪريل اعلان ڪيائين انھن جي وزير داخلا ميڊيا تي اچي مريم نواز سميت مخالف ڌر کي چٿڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رھيو تـ ان بعد پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران بـ اھو اعلان ڪيو ويو تـ مريم نواز اڪيلي نـ ويندي اسان جا ھزارين جيالا پنجاب جي صدر قمرالزمان ڪائرا جي اڳواڻي ۾ مريم نواز سان گڏجي نڪرندا جڏنھن وفاقي حڪومت کي اھا خبر پئي تـ ھاڻي جانثارن جو ٽولو پڻ مريم نواز سان گڏ نڪرندو ۽ انھن جيالن کي روڪڻ ھاڻي ڪنھن جي وس جي ڳالھ نـ آھي سڀ ڄاڻين ٿا تـ جيالا پنھنجي قائدين جي حفاظت جي لاء سر سان ڪفن ٻڌي ميدان تي نڪرندا آھن پوري پي ڊي ايم جي طاقت کي ھڪ جڳھ ٿي ڏسي ڪري وفاقي حڪومت سميت نيب وارن جي ھوا نڪري وئي ۽ انھن عوام جي طاقت آڏو ھار مڃيندي مريم نواز جو رٿيل نيب حاضري واري تاريخ کي ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيائون پي ڊي ايم کي متحد ڏسي ڪري حڪومتي مشينري ۾ ھلچل مچيل آھي باخبر ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي تـ ن يلگ وارا ۽ مولانا فضل الرحمان کي سياست جي بادشاھ آصف علي زرداري پاران لانگ مارچ ۽ ڌرڻي لاء مڃائي ورتو آھي ھاڻي سڀ کان پھريان لانگ مارچ ٿيندو جيڪڏنھن لانگ مارچ ۾ ڪاميابي ملي ۽ نيازي ڀڄي ويو تـ ٺيڪ ٻئي مرحلي ۾ ڊي چوڪ تي حڪومت جي خاتمي تائين ڌرڻو ھنيو جنھن دوران آخري آپشن طور تي تمام اسيمبلين تان استعيفائون ايٽم بم وانگر استعمال ڪيون وينديون بحرحال اھو فيصلو اچڻ وارو آھي پي ڊي ايم جي سربراھي اجلاس ۾ وڌيڪ ڇا طئي ڪيوـويندو ۽ اھي اطلاع پڻ آھن تـ قائد عوام فخر ايشا شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي پنڊي ۾ رٿيل ٻائيتاليھين ورسي جي جلسي ۾ پي ڊي ايم جو سربراھ مولانا فضل الرحمان سميت مريم نواز اخترجان مينگل پڻ شريڪ ٿيندا وڌيڪ اعلان اتي پڻ ٿيڻ جا چٽا امڪان آھن










