نيب ٻڌڻي ، ريمارڪس تي سينٽ ۾ اعتراض

سيد زوار حسين شاه
سب ڱان پهريان پاڪستان ، پوڀ عوام ، ان کان بعد سياستدان ، جڏهن عوام ووٽ ڏيئي ڪيترن ئي اهرن ماڻهن کي جن تي ڪيترائي ڪيس هوندا ، پر پوء ٻيو نه ته ڪرپشن جو ته ڪيس اڪثر سياستدانن مٿان عائد ضرور هوندا ، جڏهن هو ڪامياب ٿئي ٿئي ٿو يا ان کان اڳ اليڪشن ڪمپئين ۾ جهڙي ريت اڪثر عوام ووٽرس کي سبز باغ ڏيکاري ٿو اهو به ڪنهن کان لڪيل ناهي ، ته هو ڪيل واعدن وچن تان ڪيئن ڦري وڃن ٿا ، مان گذارش ڪندس ته جيڪڏهن آئين جو حلف کڻندڙ هجي يا عام پاڪستاني شهري جيڪڏهن آئين کي تسليم نه ڪندو ان جي خلاف هلندو ته ، ان مٿان آرٽيڪل 6 لاڳو ٿي سگهي ٿو ٻيا به ڪيترائي ، پر ائين ڪڏهن ٿيو ناهي ، ٻڌندا ايندا آهيون ته جيڪو ائين ڪندو ، ان کي سزا به ملندي پر اسان تقريبن ائين _ٺو آهي ته جن جن کي به سزا ملي ٿي ، گهرن کان ته وڌيڪ سهولتون ، انهن کي ملن ٿيون پوء هو ڏوهه ڇو نه ڪندا جنهن کي اها پڪ هجي ته مان ڀلي لٽ مار ڪيان پاڪستان جي آئين کي تسليم نه ڪيان عوام جا حق کانموان مونکي ڇا ٿيندو ، پوء پاڪستان مان ڏوهه ڪيئن ختم ٿيندا ، برحال جيڪي به ريمارڪس آيا آهن ، اهي ملڪي صورت هال تي هڪ قانون آئين يج اپسداري حلف کڻنڊر ڏنا آهن ان تي سينٽر ميمبرن جو اعتراض به سمجهه کان باهر آهي ، اسان پاڪستاني آهيون پاڪستان جي آئين شهرين جو احترام ڪرڻ اسان مٿان فرض آهي ، اسان آئين کان واقف آهيون ، جيڪو آئين اختيار هڪ شهري کي ڏيئي ٿو اهو ته اساتعمال ڪري سگهون ٿا يا نه ، اهو به ڪو قانوندان ٻڌائي تاڪه جيڪڏهن ڪان غلطي به ٿي وئي آهي ته اها ٻيهر نه يٿڻ گهرجي ، مان سمجهان ٿو ته آئي ايم ايف جي نون شرطن بعد ملڪ ڄڻ اسان گروي رکي رهيا آهيون اسان قرض ڪيئن لاهينداسين ، معيشت ڪيئن بهتر ڪنداسين ڪافي سوال آهن جن جا جواب به حڪموران ئي ڏين جيڪي ملڪ هلائي رهيا آهن ، جيڪو ڪجهه هن وقت ملڪ اندر ٿي رهيو آهي ڪنهن کان به لڪيل ناهي ، جنهن طرح سان سياستدان پنهنجي زاتي جنگ ۾ مصروف آهن ، اهو به ڪنهن کان لڪيل ناهي ، جنهن طرح سان ڪپتان پاڪستان تحريڪ انصاف کي بيروني ، اندروني سازشت استعمال ڪندي ڪپتان کي هٽايو ويو اهو به ڪنهن کان لڪيل ناهي ، جهڙي ريت معيشت تباهه آهي ڪنهن کان لڪيل ناهي ، جهڙي ريت عوام جي تذليل پئي ٿئي ڪنهن کان لڪيل ناهي ، جهڙي طرح عام ماڻهن کي انصاف نه پيو ملي اهو به ڪنهن کان لڪيل ناهي ، جهڙي ريت نيب آرڊيننس ۾ ترميومون ڪري 11 سو ارب روپيا معاف ڪرايا ڪيس به ختم ٿي ويا باعزت بري ٿي ويا ڪنهن کان لڪيل ناهي ، جهڙي ريت ملڪ جا اڪثر سياستدان مني لانڊرنگ ڪري ، اربين روپيا باهر کني ويا اهن ڪنهن کان لڪيل ناهي ، جهڙي ريت مهنگائي جي ڪري عام ماڻهون بک پيو مري ڪنهن کان لڪيل ناهي ، اهي سڀ ڪجهه شيون توهان يج اڳيان پيش ڪيون آهن مڪلڪ ڳوواقعي انتهائي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي ، ان جا ڪير زميواران آهن ، اهو فيصلو ڪير ڪندو ڪير ٻڌائيندو ، ڪيتريون ٻيون به ڳالهيون آهن جيڪي في الحال نه ٿا ٻڌائي سگهوپن ته عام ماڻهون ڪيئن پيو زندگي گذاري ، سينيٽ ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيٽرز سپريم ڪورٽ ۾ قومي احتساب بيورو ( نيب ) قانون ۾ ترميمن خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال طرفان ڏنل رمارڪس تي سخت اعتراض ڪندي چيو آهي ته هن اِهو ڪيئن چيو ته پارليامنٽ تڪراري ٿي وئي آهي. پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيٽر عرفان صديقي سينيٽ ۾ تقرير ڪندي چيو ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال گذريل ڏينهن هڪ اهڙي ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا جنهن جو چونڊن سان سڌو سنئون تعلق نه هيو. هن چيو ته چيف جسٽس فرمايو ته پارليامنٽ اڻپوري آهي، پارليامنٽ کي ڄاڻي واري مڪمل نه پيو ڪيو وڃي، پارليامنٽ جا قانون تڪراري آهن، تنهنڪري اِها مڪمل نه آهي. هن چيو ته چيف جسٽس جو چوڻ هو ته اسان جي تاريخ جو واحد ديانتدار وزيراعظم، هن نالو نه کنيو پر سندس اشارو محمد خان جوڻيجي ڏانهن هو. چيف جسٽس جي رمارڪس جو حوالو ڏيندي عرفان صديقي چيو ته خبر ناهي کيس اِهو حق ڪنهن ڏنو ته لياقت علي خان کان عمران خان تائين سمورن وزيراعظمن کي هڪ ڌڪ سان بدديانت قرار ڏئي رڳو هڪ جي باري م فتويٰ ڏي. هن چيو ته اِهي تڪليف ڏيندڙ رمارڪس آهن، اسان عدليا جو احترام ڪيون ٿا ۽ جيڪي ملڪ ۽ قومون عدالتن جو احترام ناهن ڪنديون، اُهي ناانصافي ۽ ڏڦيڙن جو شڪار ٿي وينديون آهن. هن چيو ته اسان عدليا جو اُن وقت به احترام ڪيو هو جڏهن ڀٽي کي ڦاسي ڏني وئي هئي، جڏهن مُلڪ ۾ چار مارشلائن جي منظوري ڏني وئي اسان تڏهن به عدالت جو احترام ڪيو هو. اسان عدليا جو اُن وقت به احترام ڪيو جڏهن هڪ جرنيل کي بارودي چونڊون وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي، اسان عدليا جو اُن وقت به احترام ڪيو جڏهن هڪ وزيراعظم کي پٽ کي پگهار نه وٺڻ تان اوهان عمر قيد لاءِ گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو. هن چيو ته اسان عدليا جي هر فيصلو تسليم ڪيو ۽ اڳتي به ڪنداسين، عدليا چونڊن جي باري ۾ جيڪا ڳالهه ڪندي اسان مڃينداسين، اسان آئين کي مڃيون ٿا ۽ نوي ڏينهن اندر چونڊن جي شبلي فراز جي تجويز جي تائيد ڪيان ٿو. هن چيو ته اڄ تائين ڪنهن عدالتي فيصلي تي ڇا ڪنهن وزيراعظم يا ڪنهن صدر ڪنهن سياستدان رنڊڪ وڌي آهي، اسان رنڊڪ ناهيون وجهندا ڇا اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته اوهان مارشلائن جي منظوري ڪيئن ڏيندا هئا؟ ڇا مارشل لائن جي دور ۾ اوهان اهڙي قسم جا رمارڪس ڏيندا آهيو، مارشلائن جي دور ۾ اوهان وردي پهريل چيف ايگزيڪٽيو کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏيندا هئا. عرفان صديقي چيو ته هڪ وزيراعظم قتل ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ چيو وڃي ٿو اسان کان غلطي ٿي وئي، اسان جي مٿان دٻاءُ هو، اِها تاريخ آهي، تاريخ کي پنهنجي آڏو رکو. سپريم ڪورٽ جي رمارڪس تي هن چيو ته اوهان به ڄاڻي وٺو ته هي هائوس به هڪ نالو، اهميت ۽ وقار رکي ٿو ۽ هن ايوان جي حوالي سان اوهان وٽ ڪو ڪيس ئي ناهي ته اوهان ڪيئن غير لاڳاپيل ڪيس ۾ اهڙي قسم جا رمارڪس ڏئي ڇڏيو ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن عدالتون پنهنجي اختيارن واري دائري کان نڪري سياسي ۽ غير لاڳاپيل بيان ڏينديون ته پوءِ اسان جي ردعمل کي توهينِ عدالت نه سمجهيو وڃي، هو پاڻ ڏسن هو ڇا ڪري رهيا آهن. سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر ڊاڪٽر شهزاد وسيم عرفان صديقي جي خطاب کانپوءِ چيو ته پارليامنٽ واقعي اڻپوري آهي، هڪ وڏي جماعت کي جنهن طريقي سان پارليامنٽ کان ٻاهر ڪيو ويو ۽ سنڌ هائوس ۾ ٻوليون لڳيون. هن چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽٽي چڪيون آهن ۽ قانون چوي ٿو ته ان صورتحال ۾ نوي ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وڃن، مان گزارش ڪيان ته خدا جي واسطي اسان جا سياستدان هوش مان ڪم ون پنهنجي زاتي ضد انا جي ڪري ملڪ تباهه ٿي ويو آهي ، جڏهن ته پهريان ئي عوام وڏي عزاب مان گذري رهيو آهي ، هان ته هڪ پورهيت سڄو ڏينهن ٽنگ ٿو هڻي ، مس ڪي پنج يا ست سو ٿو ڪمائي پر ڪڏهن ته مزدوري به نه ٿي لڳي ، گهرن ۾ فاقه ڪشي آهي ، غريب ملازمن کي پگهارن نه ٿيون ملن ، انهن جي پگهارن مان ڪٽوتي تي ٿئي ٿي ، مان عرض ڪندس ته جنهن جو ڪوئي ناهي ان جو رب آهي ، اچو ته گڏجي پاڪستان جي عوام کي سپورٽ مهيا ڪيون باقي هنن سياستدانن جو هال پورو ٿي چڪو آهي ، انهن جي رهن سهن تي نظر رکو ته ارب پتي آهن ، ويهه ويهه هٿيار بند ٽي نه 10 ڏهه ڊرائيور ، انهن کي ڪهڙي خبر ته سهنا سائين نصر ڪيئن ٿو درجن ملي ڪيئن ٿا آنا ڪلو ملي يار بس رحم ڪيو گهڻو ٿي ويو ، بس خدا پاڪ جي عزاب کان ڊڄو

پهنجو تبصرو موڪليو