اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نيب جون انتقامي ڪارروايون جعلي حڪومت جي اقتدار کي نٿيون بچائي سگهن.جعلي ۽ سليڪٽد حڪمرانن جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن. پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نيب طرفان مريم نواز جي ضمانت رد ڪرائڻ جي درخواست جا ڪي به قانوني ۽ پڪا سبب نظر ناهن اچي رهيا. جعلي حڪمران اپوزيشن اڳواڻن کي انتقام جو نشانو بنائي پنهنجي نااهلي کي لڪائڻ چاهين ٿا پر جعلي ۽ سليڪٽڊ حڪمرانن جا هاڻ ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن نيب جون انتقامي ڪارروايون جعلي حڪومت جي اقتدار کي نٿيون بچائي سگهن.مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪٺ پتلي حڪمران 26 مارچ جي لانگ مارچ کان ڊڄي نيب کي سياسي هٿيار جي طور تي استعمال ڪري رهيا آهن. نيب جو ادارو جعلي ۽ سليڪٽڊ حڪمرانن جو ڪٺ پتلي اوزار بڻيل آهي نيب جيان عدالتن کي به سياسي بنيادن تي هلائڻ هڪ مڪروهه سازش آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.










