نوجوانن ۾ دل جي بيمارين جو وڌندڙ خطرو

نوجوانن ۾ دل جي بيمارين جو وڌندڙ خطرو

سراج منير عباسي
دل جون بيماريون اڳي گهڻو ڪري وڏي عمر وارن ماڻهن سان لاڳاپيل سمجهيون وينديون هيون، پر هاڻي حالتون تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيون آهن. اڄڪلهه 20 کان 40 ورهين جي نوجوانن ۾ به دل جي دوري (Heart Attack) جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن، جيڪو نه رڳو ڊاڪٽرن پر سڄي سماج لاءِ هڪ وڏو خدشو بڻجي چڪو آهي. اين آئي سي وي ڊي (NICVD) جي انگن اکرن موجب دل جي دوري جي مريضن مان لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو مريضن جي عمر 50 سالن کان گهٽ آهي، جڏهن ته لڳ ڀڳ 15 سيڪڙو مريض 40 سالن کان به گهٽ عمر جا آهن. مختلف تحقيقن مان پڻ ظاهر ٿيو آهي ته پاڪستان ۾ دل جا ڪيترائي دورا 49 سالن کان گهٽ عمر وارن ماڻهن ۾ پيش اچي رهيا آهن، جيڪو انتهائي ڳڻتي جوڳو رجحان آهي. اهي انگ اکر واضح ڪن ٿا ته دل جون بيماريون هاڻي صرف وڏي عمر تائين محدود ناهن رهيون، پر نوجوان نسل به تيزي سان ان جي لپيٽ ۾ اچي رهيو آهي.دل جو دورو تڏهن پوي ٿو جڏهن دل ڏانهن رت پهچائيندڙ شريانن ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي وڃي ٿي، جنهن سبب دل جي عضلي تائين رت ۽ آڪسيجن جي فراهمي گهٽجي يا مڪمل طور بند ٿي وڃي ٿي. جيڪڏهن بروقت علاج نه ملي ته دل جي عضلي کي مستقل نقصان پهچي سگهي ٿو، جيڪو ڪيترين ئي حالتن ۾ موت جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ياد رکڻ گهرجي ته نوجوان هجڻ هاڻي دل جي دوري کان مڪمل تحفظ جي ضمانت ناهي.نوجوانن ۾ دل جي دوري جي وڌندڙ رجحان جا ڪيترائي سبب آهن، پر سڀ کان اهم سبب بدلجندڙ طرزِ زندگي آهي. اڄ جو نوجوان پنهنجي ڏينهن جو وڏو حصو موبائيل فون، ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ اڳيان ويهي گذاري ٿو، جڏهن ته جسماني سرگرمي ۽ ورزش گهٽجي وئي آهي. ان سان گڏ فاسٽ فوڊ، شاورما، پيزا، برگر، تريل شيون، وڌيڪ تيل، گيهه، مٺايون، کولڊ ڊرنڪس ۽ وڌيڪ کنڊ، لوڻ ۽ چرٻي واري خوراڪ روزاني زندگي جو حصو بڻجي چڪي آهي، جيڪا رت جي رڳن ۾ ڪوليسٽرول ۽ چرٻي جمع ڪري شريانن کي آهستي آهستي سوڙهو بڻائي ٿي.شوگر (Diabetes)، هاءِ بلڊ پريشر، وڌيل ڪوليسٽرول، موٽاپو، خاص طور پيٽ جي چرٻي، ۽ جسماني سرگرمي جي کوٽ دل جي دوري جا اهم خطري وارا عنصر آهن. اڄڪلهه نوجوانن ۾ ٽائپ ٽو شوگر ۽ هاءِ بلڊ پريشر به اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، جيڪي ننڍي عمر ۾ ئي دل جي بيمارين جو خطرو وڌائي ڇڏين ٿا.تمباڪو، سگريٽ، گٽڪو، شِيشو، ويپنگ ۽ ٻين نشي آور شين جو وڌندڙ استعمال به نوجوانن جي دل لاءِ انتهائي نقصانڪار آهي. اهي شيون رت جي رڳن جي اندروني سطح کي نقصان پهچائين ٿيون، رت کي گاڙهو ڪن ٿيون ۽ شريانن ۾ رڪاوٽن جو خطرو وڌائين ٿيون. ڪوڪين، ايمفيٽامين ۽ ٻيون منشيات اوچتي دل جي دوري ۽ خطرناڪ دل جي ڌڙڪن جي بي ترتيبي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. ساڳيءَ ريت انرجي ڊرنڪس جو حد کان وڌيڪ استعمال، خاص طور ورزش يا ننڊ جي کوٽ سان گڏ، ڪجهه ماڻهن ۾ دل جي ڌڙڪن تي منفي اثر وجهي سگهي ٿو. ڪجهه نوجوان جسم ٺاهڻ لاءِ غير معياري جم سپليمنٽس يا اسٽيرائيڊس به استعمال ڪن ٿا، جيڪي دل جي صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿا.جسماني سببن سان گڏ ذهني دٻاءُ به نوجوانن ۾ دل جي بيمارين جي وڌندڙ شرح جو اهم ڪارڻ بڻجي رهيو آهي. پڙهائي، بيروزگاري، معاشي مسئلا، سماجي مقابلو، سوشل ميڊيا جو وڌندڙ دٻاءُ ۽ خانداني پريشانيون ڪيترن ئي نوجوانن کي ذهني تناؤ، ڊپريشن ۽ پريشاني جو شڪار بڻائي رهيون آهن. ڪيترائي نوجوان پنهنجا احساس ڪنهن سان ونڊيندا ناهن، جنهن ڪري ذهني بار وڌندو رهي ٿو ۽ ان جا منفي اثر دل تي به پون ٿا. ان سان گڏ رات دير تائين جاڳڻ، مناسب ننڊ نه وٺڻ ۽ بي ترتيب معمول به دل جي صحت کي متاثر ڪن ٿا.دل جي دوري جو هڪ اهم سبب خانداني يا موروثي تاريخ به آهي. جيڪڏهن خاندان ۾ ڪنهن کي گهٽ عمر ۾ دل جي بيماري، شوگر، هاءِ بلڊ پريشر يا دل جو دورو ٿيو هجي ته اهڙن نوجوانن ۾ خطرو وڌيڪ هوندو آهي. اهڙن ماڻهن کي ننڍي عمر کان ئي باقاعده طبي جاچ، بلڊ پريشر، شوگر ۽ ڪوليسٽرول جا ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجن.
جيتوڻيڪ گهڻا نوجوان دل جي دوري جو شڪار شريانن جي بند ٿيڻ سبب ٿين ٿا، پر ڪجهه اوچتا موت اهڙين لڪل بيمارين سبب به ٿيندا آهن، جيڪي اڳ ۾ ظاهر ناهن ٿينديون. انهن ۾ دل جي ڌڙڪن جي بي ترتيبي (Arrhythmia)، دل جي عضلي جي بيماري (Cardiomyopathy)، خاص طور Hypertrophic Cardiomyopathy، پيدائشي دل جون بيماريون، دل کي رت پهچائيندڙ شريانن جي غيرمعمولي بناوٽ، دل جي عضلي ۾ وائرس سبب ٿيندڙ سوزش (Myocarditis)، موروثي بيماريون جهڙوڪ Long QT Syndrome، جسم ۾ پوٽاشيم يا ميگنيشيم جهڙن اليڪٽرولائيٽس جي کوٽ، ۽ لڪل دل جي بيماري سان سخت جسماني محنت يا راند دوران پيدا ٿيندڙ پيچيدگيون شامل آهن. نوجوان عورتن ۾ ڪجهه خاص حالتن، جهڙوڪ شريان جي اوچتي ڦاٽڻ (SCAD)، سبب به دل جا دورا ٿي سگهن ٿا، جيتوڻيڪ اهي عام سببن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ اچن ٿا.دل جي دوري جون عام علامتون سيني جي وچ ۾ شديد بوجھ، جڪ يا دٻاءُ محسوس ٿيڻ آهن، جيڪو ڪڏهن ڪلهن تي وزن رکيل هجڻ جهڙو لڳندو آهي. اهو سور اڪثر کاٻي ٻانهن، ڪلهي، ڳچي، چنبي يا پٺي تائين ڦهلجي سگهي ٿو. ان سان گڏ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف، ٿڌا پگهر اچڻ، الٽي يا متلي، غيرمعمولي ڪمزوري، چڪر اچڻ يا دل جي ڌڙڪن جو بي ترتيب ٿيڻ به ٿي سگهي ٿو. ڪيترائي نوجوان انهن علامتن کي گيس، تيزابيت يا عضلاتي سور سمجهي نظرانداز ڪندا آهن، جيڪو انتهائي خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. دل جي دوري جي علاج ۾ “گولڊن آور” يعني پهريون ڪلاڪ سڀ کان اهم هوندو آهي، تنهنڪري اهڙين علامتن جي صورت ۾ فوري طور ايمرجنسي طبي امداد حاصل ڪرڻ گهرجي.دل جي بيمارين کان بچڻ لاءِ زندگي ۾ ڪجهه بنيادي تبديليون آڻڻ ضروري آهن. صحتمند ۽ متوازن خوراڪ اختيار ڪرڻ، روزانو گهٽ ۾ گهٽ 30 کان 40 منٽ هلڻ يا ورزش ڪرڻ، مناسب وزن برقرار رکڻ، سگريٽ، گٽڪو، تمباڪو، ويپنگ ۽ ٻين نشي آور شين کان مڪمل پرهيز ڪرڻ، انرجي ڊرنڪس جو غيرضروري استعمال گهٽائڻ، بلڊ پريشر، شوگر ۽ ڪوليسٽرول جي باقاعده جاچ ڪرائڻ، ذهني دٻاءُ گهٽ رکڻ، مناسب ننڊ ڪرڻ ۽ ڪنهن به غيرمعمولي علامت کي نظرانداز نه ڪرڻ دل کي صحتمند رکڻ جا سڀ کان اثرائتا طريقا آهن.دل جو دورو هاڻي صرف وڏي عمر جي ماڻهن جي بيماري ناهي رهيو، بلڪه نوجوان نسل لاءِ به هڪ سنجيده خطرو بڻجي چڪو آهي. دل جي بيماري اڪثر اوچتو پيدا نٿي ٿئي، پر ان جا بنياد نوجوانيءَ جي غيرصحتمند عادتن سان ئي پوندا آهن. جيڪڏهن اسين اڄ ئي پنهنجي روزاني زندگي ۾ صحتمند تبديليون آڻيون، وقت سر طبي معائنا ڪرائيندا رهون ۽ خطري وارن عنصرن تي ضابطو آڻيون ته دل جي بيمارين جو خطرو وڏي حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو. زندگي الله پاڪ جي وڏي نعمت آهي، ان جي حفاظت ڪرڻ هر انسان جي ذميواري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو