نوجوانن کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو پيو وڃي، حافظ نعيم

نوجوانن کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو پيو وڃي، حافظ نعيم

لاهور (ويب ڊيسڪ)امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچي ۾ خوف جي صورتحال آهي، ڪراچي ۾ نوجوانن کي نشانو بڻائي قتل ڪيو پيو وڃي.منصوره ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڪراچي مني پاڪستان ۽ پاڪستان جي شه رڳ آهي، حڪومتون ڪراچي کي نظرانداز ڪن ٿيون.هن چيو ته ڪراچي ۾ 4 کان 5 مهينن ۾ 800 کان وڌيڪ نوجوانن کي نشانو بڻايو ويو، هڪ سال ۾ 90 هزار واقعا ٿيا آهن.حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 80 کان 90 سيڪڙو ماڻهو رپورٽ نٿا ڪن، رڳو ڦرلٽ جا ڏوهن ۾ پنج کان ڇهه سئو سيڪڙو وڌيڪ آهن.امير جماعت اسلامي چيو ته پي ڊي ايم ٽو ساڳي ئي حڪومت آهي هلندڙ نظام کي ڪيرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو