لاهور (ويب ڊيسڪ)بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته نوان صوبا ٺاهڻ ۾ ڪو به نقصان ناهي، جيستائين اختيار هيٺين سطح تي منتقل نه ٿيندا ته ملڪ نه هلندو، لاهور ۾ هڪ خانگي يونيورسٽي پاران ‘تاريخي ۽ تقابلي تناظر ۾ عالمي عدم مساوات’ جي موضوع تي منعقد ڪيل ٽن ڏينهن واري ٿنڪ فيسٽ جي ٻئي ڏينهن تي ڳالهائيندي، هن چيو ته اختيارن کي هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ سان وڌيڪ ٽيڪس وصولي ٿيندي.خواجه آصف جو چوڻ آهي ته کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته سياسي برادري مقامي حڪومت کان ايترو ڊڄي ڇو آهي، سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ويهڻ گهرجي ۽ قومي مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ گهرجن.










