نواز ليڳ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جي رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ

نواز ليڳ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جي رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ

لاهور (بيورو رپورٽ) منشيات جي خصوصي عدالت مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ پنجاب جي اڳوڻي وزير قانون راڻا ثناءُ الله جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ وڌيڪ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. جوڊيشل ريمانڊ جو مدو پورو ٿيڻ تي رانا ثناءُالله کي منشيات جي خاتمي واري خصوصي عدالت جي جج شاڪر حسن اڳيان پيش ڪيو ويو. رانا ثناءُالله طرفان فرهاد علي شاهه ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو. منشيات جي خصوصي عدالت جي وڪيل جي هڙتال سبب رانا ثناءُالله جي جوڊيشل رمانڊ ۾ وڌيڪ 14 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي ۽ منشيات فورس جي انتظاميه کي رانا ثناءُالله کي ٻيهر 4 جنوري 2020 تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته منشيات فورس اي اين ايف رانا ثناءُالله کي 2 جولاءِ 2019 تي فيصل آباد کان لاهور ويندي گرفتار ڪيو هو ۽ اي اين ايف دعويٰ ڪئي هئي ته رانا ثناءُ الله جي گاڏي مان وڏي مقدار ۾ منشيات برآمد ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو