نواز شريف جي لنڊن ۾ هوٽلنگ،سير تفريح يا علاج، رپورٽ طلب

لنڊن (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي لنڊن ريسٽورنٽ ۾ چاءِ پيئڻ وارين وائرل ٿيل تصويرن جو وزيراعظم نوٽيس وٺندي پنجاب جي صحت واري وزير کان سندس طبي رپورٽس بابت رپورٽ طلب ڪئي آهي. ميان نواز شريف جي تصوير ۾ اسحاق ڊار، شهباز شريف، سلمان شهباز، حسن نواز ۽ ٻيا واضح نظر اچي رهيا آهن. ميان نواز شريف تي حڪمران تحريڪ انصاف جي اڳواڻن تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي ته هو بيماري جو بهانو بڻائي سير سپاٽا ڪري رهيو آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري طنزيه ٽوئِٽ ڪيو. ياد رهي ته عدالتي اجازت سان ميان نواز شريف 4 هفتن لاءِ علاج خاطر لنڊن ويو هو. ڏنل مدت پوري ٿيڻ بعد هن 23 ڊسمبر تي پرڏيهه ۾ قيام  ۾ واڌ لاءِ درخواست ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو