اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي حفاظتي ضمانت ۾ 26 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.نواز شريف ايون فيلڊ ريفرنس ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ سرنڊر ڪرڻ لاءِ احتساب عدالت مان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.نواز شريف جي وڪيل اعظم نذير تارڙ روسٽرم تي اچي چيو ته سادي لفظن ۾ هي اپيلون بحال ڪرڻ جون درخواستون آهن، جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته هاڻي ان تي نوٽيس جاري ڪري نيب کي ٻڌڻو آهي.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته هڪ ڳالهه واضح ڪريان قانون موجب هلنداسين،اعظم نذير تارڙ چيو ته نواز شريف ڄاڻي واڻي غير حاضر ناهي رهيو. نواز شريف عدالت جي اجازت سان پرڏيهه ويو، عدالت ۾ ميڊيڪل رپورٽون جمع ڪرايون ويون آهن.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رمارڪس ڏيندي چيو ته نواز شريف هن عدالت جي حراست ۾ آهي، هو ٻئي عدالت ۾ هليو ويو، جنهن تي اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان هن عدالت کي ٻي عدالت کان رليف بابت ٻڌايو هو.اعظم نذير تارڙ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 10 اي کان اڳ صورتحال مختلف هئي، جنهن تي جسٽس عامر فاروق چيو ته آرٽيڪل 10 اي ۾ حيات بخش ڪيس جو فيصلو به شامل آهي.هن رمارڪس ڏيندي چيو ته اپيلن جي بحالي معمول جي ڳالهه ناهي، توهان کي مطمئن ڪرڻو پوندو ته توهان عدالت مان ڇو غير حاضر هئا.اعظم نذير تارڙ چيو ته نيب عدالت اشتهاري جو اسٽيٽس ختم ڪري ڇڏيو. نواز شريف هن سڄي عرصي ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون ڏٺيون آهن، ان دوران نواز شريف جي ماءُ ۽ زال مري ويا.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته سمورو الزام عدالتن تي لڳايو وڃي ٿو، نيب جو رويو ڏسو، چيئرمين نيب کان هدايتون وٺي ته عدالت جو وقت ڇو ضايع ڪري رهيا آهيو؟جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن نيب سمجهي ٿي ته ريفرنس غلط داخل ڪيا ويا ته اهي واپس وٺي، هن پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن ريفرنس واپس وٺڻا آهن ته ڪيئن ٿا ڪڍن؟ اعظم نذير تارڙ چيو ته ائين نه ڪيو، نواز شريف تي ڪيترائي الزام لڳايا ويا جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته جڏهن نيب ڪنهن به شيءِ جي مخالفت نه ڪري ته پوءِ اپيل ڪيئن؟ هن پراسيڪيوٽر جنرل کي هدايت ڪئي ته چيئرمين نيب کان هدايتون وٺي اسان کي آگاهه ڪيو وڃي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏنا ته اسان کي صاف صاف ٻڌايو ته فيصلو ڏيڻ کانپوءِ ٻيو ڪجهه ڪري سگهون ٿا. اسلام آباد جي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته پڇي رهيا آهيون ته ڇا نيب نواز شريف کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي؟ جنهن تي پراسيڪيوٽر جنرل جواب ڏنو ته نه اسان نواز شريف کي گرفتار ڪرڻ نٿا چاهيون.چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا نيب کي نواز شريف جي حفاظتي ضمانت ۾ واڌ تي ڪو اعتراض آهي؟ جنهن تي پراسيڪيوٽر جنرل نيب جواب ڏنو ته نه اسان کي ڪو اعتراض ناهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوازشريف جي اپيلن تي نظرثاني جي درخواستن تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.










