اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر شير افضل مروت چيو آهي ته 8 سيپٽمبر جي جلسي کان اڳ نوازشريف کي ملڪ مان فرار ٿيڻ نه ڏينداسين. پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شير افضل مروت صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ باني واضح طور تي پيغام ڏنو آهي ته ڀڳوڙن جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ(اي سي ايل) ۾ وڌو وڃي. ملڪ ڦريندڙن کي ڀڄڻ نه ڏينداسين.هن چيو ته ملڪ خانه جنگي طرف وڃي رهيو آهي، پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪري باعزت طور تي ملڪ کي بچايو وڃي، شير افضل مروت چيو ته انهي کان اڳ جو بنگلاديش جيان پاڪستان ۾ به احتجاجي تحريڪ شروع ٿي وڃي حڪمرانن کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي.هن چيو ته ملڪ جون حالتون انتهائي خراب آهن ملڪ جا سيڪيورٽي ادارا ملڪ جي اندر امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ هنگامي طور قدم کڻن. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته بلوچستان جي ننڍن علائقن مان جهڙي طرح معصوم ماڻهن جو قتل عام ڪيو ويو اهو انتهائي شرم جوڳو عمل آهي.










