لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نوازشريف 8 فيبروري تي چونڊن ۾ حصو وٺي چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجندو.ماڊل ٽائون لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ليگي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته نوازشريف اڄ(ن) ليگ جي سيڪريٽريٽ ۾ 4 سالن کان پوءِ تشريف کڻي آيو ۽ پارٽي جي سينئر اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته 21 آڪٽوبر تي سموري پاڪستان نوازشريف جو استقبال ڪيو. ان ڏينهن روڊن تي جڳهه ختم ٿي وئي هئي. مخالفن به ان ڳالهه کي مڃيو ته تاريخ جو سڀني کان وڏو اجتماع آهي. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نواز شريف هر ڀيري پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪئي. هن وقت به عوام نوازشريف ۽ مسلم ليگ(ن) سان اميدون لڳائي ويٺو آهي. (ن) ليگ ترجمان چيو ته اسان نوازشريف جي اڳواڻي ۾ چونڊن لاءِ تيار آهيون. اسان پاڪستان مان مهانگائي ختم ڪرڻ، هارين کي سستو ڀاڻ ۽ بجلي ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون. مسلم ليگ(ن) واحد پارٽي آهي جيڪا چونڊن لاءِ تيار آهي جنهن پنهنجو اليڪشن سيل بنائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته(ن) ليگ جي منشور ڪميٽي پنهنجو ڪم شرع ڪري ڇڏيو آهي ۽ سمورن صوبن جا پارلياماني بورڊ جوڙيا ويا آهن. نوازشريف 8 فيبروري تي چونڊن ۾ حصو وٺندو. پاڪستان جي عوام موقعو ڏئي، آر ٽي ايس نه ويهي، عوام فيصلو ڪري ته ڪنهن کي وزيراعظم بنائڻو آهي اسان کي يقين آهي ته عوام جي چونڊ نوازشريف ئي هوندو.مريم اورنگزيب چيو ته شرجيل ميمڻ منهنجو ڀاءُ چئي رهيو هو ته پيپلز پارٽي چونڊن ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي، سمورين پارٽين کي مشورو آهي ته ليول پليئنگ فيلڊ جو روئڻ نه رويو، فيلڊ ۾ چونڊن جي تياري ڪريو، پاڪستان جي عوام 21 آڪٽوبر تي سموري ملڪ ڏٺي. سياسي طاقتن کي اها ڳالهه خبر پئجي چڪي آهي ته عوام نوازشريف جي حق ۾ فيلڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. نوازشريف جي دور ۾ عوام کي 5 روپين جي ماني ملندي هئي. اسان عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو هو ۽ هڪ دفعو ٻيهر به ڏينداسين.










