نوابشاهه: (ن س) نوابشاهه پوليس جو گشت دوران ڌاڙيلن سان مبينا مقابلو ٿيو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مقابلي دوران هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.پوليس اختيارين وڌيڪ چيو ته فرار ٿيل ڌاڙيلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته زخمي ڌاڙيل کي طبي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار ڌاڙيل خلاف ضلعي جي مختلف ٿاڻن ۾ 20 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.










