نقوي ۽ بگٽي جو ايف سي بلوچستان نارٿ هيڊ ڪوارٽر جو دورو

نقوي ۽ بگٽي جو ايف سي بلوچستان نارٿ هيڊ ڪوارٽر جو دورو

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي فرنٽيئر ڪور بلوچستان نارتھ هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو.ان موقعي تي محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير شهيدن جي يادگار جو دورو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو.آءِ جي ايف سي بلوچستان نارتھ وفاقي گهرو وزير ۽ وڏي وزير کي اهلڪارن جي تربيت، آپريشنل تيارين ۽ پيشه ورانه صلاحيتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ايف سي بلوچستان نارتھ جا سپاهي بهادري سان هندستاني سرپرستي ۾ دهشتگردن جو صفايو ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو