ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ناظم جوکيو ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ڌرين ۾ معاهدو ٿي ويو.ناظم جوکيو جي وارثن عدالت ۾ بيان حلفي جمع ڪرائيندي چيو ته جوابدارن سان صلح ٿي چڪي آهي، ڪيس ختم ڪرڻ تي ڪو به اعتراض ناهي.عدالت نادرا، مختيارڪار ۽ ٻين کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.عدالت نظيم جوکيو جي قانوني وارثن بابت نادرا ۽ مختيارڪار کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.ناظم جوکيو جي ماءُ، بيواهه ۽ ٻارن طرفان بيان حلفي جمع ڪرايو ويو آهي.عدالت قانوني وارثن بابت اخبار ۾ اشتهار شايع ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 15 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










