ناظم جوکيو جي بيوه شيرين جوکيو تي ڏيرن جو مبينا تشدد

ناظم جوکيو جي بيوه شيرين جوکيو تي ڏيرن جو مبينا تشدد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ناظم جوکيو جي بيوه شيرين جوکيو کي ڏيرن پاران مبينا تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي جنهن بعد شيرين جوکيو پاڙي جون عورتون ساڻ ڪري رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي پهتي.ذريعن موجب شيرين جوکيو جي اسٽيل ٽائون ٿاڻي پهچڻ بعد ايس ايچ او کيس ليٽر ڏئي جناح اسپتال اماڻيو،جڏهن ته شيرين جوکيو کي ڌڪ لڳل هئا.ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته جناح اسپتال جي ميڊيڪل آفيسر سمعيا سيد به شيرين جوکيو جي چهري تي زخم هجڻ جي تصديق ڪئي آهي. ميڊيڪل آفيسر موجب شيرين جوکيو جي چهري جو هڪ پاسو سڳل آهي هوڏانهن ايس ايچ او جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل رپورٽ آڻڻ تي ڪيس داخل ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو