جوھي (ن سنڌيار) نئين ڪالوني واسڻ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي مبينا طور اغوا, شاگردياڻي جي وارثن پاران جوھي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائڻ باوجود به پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو,وارثن پاران اعلي اختيارن کان نوٽيس جو مطالبو, خبر موجب جوھي شھر جي وارڊ نمبر 07 نيو ڪالوني جي رھواسڻ نائين ڪلاس جي شاگرياڻي حليمان پري ڌي فاروق لغاري مبينا طور اغوا ٿي وئي , انھي سلسلي ۾ اغوا ٿي ويل شاگردياڻي جي وارثن ميڊيا اڳيان داھيندي چيو ته اڌ رات جو سندس مائٽ نوجوان شان لغاري ۽ نوجوان جو پي شفن لغاري ۽ ٽي نامعلوم ماڻھو ھٿيارن جي زور تي گھر اندر داخل ٿي معصوم نياڻي حليمان پري کي زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا , اھڙي رپورٽ جوھي ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ باوجود به جوھي پوليس اڃان تائين ڪو به تحرڪ ناھي ورتو , ھنن الزام ھڻندي چيو ته جوھي پوليس جوابدارن جي پٺڀرائي ڪري رھي آھي , آخر ۾ ھنن آئي جي سنڌ پوليس , ڊي آئي جي حيدرآباد , ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون سميت وومين پروٽيڪشن ٿاڻي دادو جي انچارج بينظير جمالي صاحبه کان مطالبو ڪندي چيو ته جلد کان جلد معصوم نياڻي کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي










