نئين گاج جون تباهيون ۽ گاج ڊيم نه ٺھڻ جا سبب

نئين گاج جون تباهيون ۽ گاج ڊيم نه ٺھڻ جا سبب

محمد اسماعيل لانگاھ

ڪاڇي جي تمام ڊگهي جابلو سلسلي کير ٿر وارن علائقن مان وهندڙ نئين گاج جي هڪ الڳ سڃاڻپ آھي جيڪا سنڌ جي سڀ کان وڏي جابلو ندي طور سڃاتي وڃي ٿي جيڪا بلوچستان ۽ سنڌ جي سرحدي علائقن مان وهي ڪري دادو ضلعي ۽ ايشيا جي وڏي ڍنڍ منڇر ۾ ڇوڙ ڪندي آھي,تمام وڏين بلند پهاڙن کان وهي ايندڙ نئين گاج جو پاڻي علائقي جي سوين ڳوٺن جي هزارين انساني زندگين لاء به هاڃيڪار ثابت ٿئي ٿو ٻڌايو پيو وڃي ته گاج جو پاڻي انتهائي تيز ترين رفتار سان وهڻ ڪري به خطرناڪ سمجهيو وڃي ٿو ,آزادي واري ڏھاڪي کان ويندي هن مهل تائين ڪيترا ئي ڀيرا شديد برساتن دوران ڪاڇي واسي نئين گاج جي خطرناڪ وهڪرن جو مصيبتون برداشت ڪندا آيا آھن,جڏھن حڪومت کي خيال آيو سنڌ ۽ وفاقي حڪومت علائقي واسين کي نئين گاج جي پاڻي جي تباهين کان بچائڻ لاء نئين گاج مٿان سن 2006 ع  ۾ 11 ارب رپين جي ڪٿيل رقم سان گاج ڊيم منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويو جنهن کي 2012ع تائين مڪمل ڪرڻ سان بجلي جي 4.5 ميگاواٽ پيدوار ٿيڻي هئي ۽ ڊيم منجهان 50 ڪيوسڪ مقدار جي پائيپ لائين وسيلي منڇر ڍنڍ تائين دادو, جوهي, ۽ ڪاڇي جي تقريبن 4 لک ايڪڙ زمين کي آبادي ۾ آڻڻ جي رٿابندي ڪئي وئي هئي پر اعلي انتظاميه جي نااهلي سبب ڇهن سالن جي عرصي ۾ هن ميگا پروجيڪٽ کي مڪمل نه ڪيو ويو آهي جنهن جا ڪيترائي سبب ظاهر ٿين جنهن ۾ پهريون سبب هي هو ته هن منصوبي کي رٿا بندي کان پهرين تڙ تڪڙ ۾ اڏاوت لاء جاء مخصوص ڪئي وئي ۽ جيئن ته ڊيم جو بنياد انهي جڳھ تي رکيو ويو آهي جيڪو انتهائي اوچائي وارن جڳهن تي اڏيو پئي ويو جيڪو سمنڊ کان  چار سئو ڦُٽن جي اوچائي تي آهي ۽ جنهن کان ايشيا جي وڏي ڍنڍ منڇر 300 ڦُٽن جي لڙڪ تي آهي جيڪا هن گاج ندي جي پاڻي سان ڀرجندي رهي آهي, زرعي ماهرن مطابق آبڪلاڻي موسمن دوران گهٽ مان گهٽ هڪ لک کان ٽي لک ڪيوسڪ پاڻي هر سال نئين گاج ذريعي وهي ٿو جنهن مان ڪاڇي جون هزارين ايڪڙ زرعي زمينون آباد ٿين ٿيون نئين گاج کي گاج بنگلن وٽان ٽالپرن جي قبرستان مير الهيار خان قبرستان تائين ڏھ کان پندرنهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تائين سن 1940 کان پهرين اسٽون پچنگ بند ڏنو ويو هو جيڪو پاڪستان جي آزادي بعد پهريون دفعو سنڌ سرڪار جي نااهلي ۽ بند جي مرمت نه ٿيڻ سبب 1995ع ڌاري گاج جي خطرناڪ وهڪرن جي سٽ نه سهندي ٽُٽڻ سبب وڏي تباهي ڦھلائي هئي 

بند ڏيڻ وارو منصوبو انگريز حڪمرانن پنهنجي ئي دور ۾ جوڙيو پر اسان جي پاڪستان جي حڪمرانن ان کي باقائدي مضبوط طريقي سان جوڙڻ لاء گاج بنگلن کان ويندي ڪاڇي جي شهر ڊرگھ بالا ويجهو ٽالپرن جي تاريخي قبرستان مير الهيار خان ٽالپر جي مقبرن تائين تقريبن ويھ ڪلوميٽرن جي مفاصلي ۾ نئين گاج کي هڪ بند ڏياريو, گاج بنگلن تي پڻ ايريگيشن آفيس نئين گاج جي ختم ٿيندڙ جابلو علائقن ۽ نئين گاج جي ساڄي پاسي تي سندن عملدارن لاء  ٺاهيل آھن,جتي پنج کان ڏھ جي لڳ ڀڳ عملدارن جو ڊيوٽيون لڳل آھن جيڪي پنهنجي فرض ادا ڪرڻ بجاءسالن کان گهر ويٺي پگهارون کڻندا رهنٿا,جنهن جي ڊيوٽي خطري واري صورتحال ۾ دادو ضلعي هيڊ ڪوارٽر کي آگاھ ڪرڻو پوندو آھي گوسڙو ملازم هئڻ ڪري اتي ٺھرايل ڪوارٽر پوليس جي قبضي هيٺ آھن جنهن ۾ ڪوبه هڪ آبپاشي جو ملازم ڊيوٽي تي نه ڏٺو ويو آھي گاج بند رٿا کي مهارت سان جوڙائڻ لاء ٺيڪو ان وقت جي ايماندار ۽ فرض شناس ايريگيشن انجنيئر هندو آفيسر رام چنداڻي کي ٺيڪي ۾ ڏنو جنهن بند کي انتهائي قابليت ۽ مهارت سان تعمير ڪندي بند جي وچ ۾ سيمينٽ جي ڀرائي ڪرائي ۽ پاسن ۾ پٿرن جي پچنگ ۾ هڪ مضبوط بند جي شڪل ڏئي تعمير ڪيو,پر بدقسمتي سان ان مضبوط بند کي سن 1995ع ڌاري آيل برساتي وهڪرن ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو بند ٽٽڻ سان علائقي ۾ وڏي تباھي آئي سوين جانيون,مال متاع,سميت ڪروڙن جو نقصان ٿيو جيڪو ٻڌايو پيو وڃي ته حڪمرانن سالن کان وٺي بند جي مرمت نه ڪرائي جنهن سبب بند ڪمزور حالت ھُئڻ ڪري پاڻي جي سٽ نه سهي ٽٽي پيو هو,ان کانپوء سن 2005,11,12,13 ع دوران پيل برساتن  ۾ وري بند ڀڳو جنهن سبب  به وڏو نقصان ٿيو,ان کانپوء هن مهل تائين بند کي مضبوط ڪرڻ لاء  موجوده دادو ضلعي جا ايريگيشن آفيسر ڪروڙين روپيا وصول ڪرڻ باوجود هن موتمار رٿا کي مضبوط ڪري نه سگهيا آھن انسان دُشمن هن منصوبي جا موجوده آبپاشي ڪامورن ڪروڙين روپيا هضم ڪري ڇڏيا, گاج بند رٿا ۾ ڪيل ڪرپشن جي شڪايتن جو ڪُجھ سال نيب اختيارين نوٽس وٺندي دادو ضلعي جي آبپاشي کاتي جي ست نالي وارن ڪامورن خلاف ڪاروائي ڪندي انهن تي ڪيس داخل ڪيو,جنهن ۾ دادو ضلعي جو آبپاشي انجنيئر حبيب الله ڪابورو جيڪو ڪيترن ئي سالن کان سياسي آشيرواد سان اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ بڻيل هو آبپاشي کاتي دادو ضلعي اندر بندن,شاخن,واهن,ڪينالن جي رقم سياسي ماڻھن جي جلسن تي خرچ ڪري پنهنجو عهدو بچائي ويٺل هو,ان سان گڏ سندن نيب هٿان گرفتار ٿيلن ۾ ايگزيڪٽو انجنيئر عبدالغني قريشي,انجنيئر ستار  کوسو ايس ڊي او گاج منظور سولنگي,انجنيئر غُلام نبي لنڊ,اسسٽنٽ انجنيئر ستار کوسو,۽ ٺيڪيدار ممتاز چانڊيو شامل هئا هنن بابت ذريعن جو چوڻ آھي ته انهن ڪامورن آبپاشي کاتي کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو هو ٿوري عرصي ۾ ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا,مختلف شهرن ۾ ڪروڙن جون ملڪيتون,بنگلا,جائيدادون ۽ بئنڪ اڪائونٽس ٺاهيا خزاني مان لکين روپيا ٻاهر منتقل ڪيا, جنهن تي نيب طرفان داخل ڪيل ڪيسن جون خفيه نموني ڪيل شنواين بعد کين باقائده طور بري ڪيو ويو,ڪامورن جي گرفتاري کان اڳ  نيب اختيارين طرفان چاليھ ڪروڙ رپين جو غبن الزام لڳايو ويو هو جيڪا سموري رقم گاج بند رٿا جي هئي پر ڪرپشن جي بادشاھ ڪامورن طرفان لٽيل هڪ پيسو به واپس نه ملي سگهيوڳجھ ڳوھ ۾ حڪمران جماعت جي سگهارين ڌُرين جي سمجهوتن کان پوء خزانو لٽيندڙ ڪامورن جي جند آجي ڪئي وئي ۽ ان دوران نيب جي سچائي هي به ڪل پئجي وئي ته ڪيتري قدر مخلص کاتو آھي ,ٿيو هن مهل تائين ڪجھ به نه, آبپاشي ڪامورن جي باقائده طور آزاد ٿيڻ  تي ڪاڇي جي ڪيترن ئي قومپرست ۽ سياسي پارٽين طرفان نيب جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريا پيا وڃن, پر گاج بند جو ڪم اڃا تائين رولڙي جو شڪار آھي ڪيترن ئي هنڌن تان بند جي حالت انتهائي خطرناڪ ٿي وئي آھي,معمولي وهڪرن سبب ماڻھن جو ساھ مُٺ ۾ پئجي وڃي ٿو,پر ڪرپشن جهڙي موذي مرض۾ ورتل دادو ضلعي جي ڪامورن جي ڪنن تي جونء به ڪان پئي چري,بند نه هئڻ ڪري نئين گاج جي وهڪرن سبب علائقي واسي جيڪي تڪليفون ڪاٽين پيا انهن جو ڪنهن به حڪمران کي ڪو اونو ناهي اعلي اختيارين کي ڪروڙن جي ڪرپشن ڪندڙ عنصرن خلاف ڪاروايون ڪرڻ بجاء انهن تي هٿ رکڻ غريب عوام سان سراسر ظلم طور تصور ڪيو پيو وڃي عوام جو پيسو لٽيندڙ جيڪڏھن ائين آزاد ٿيندا ويا ته ملڪ جي ترقي ۽ معاشري جو سڌرڻ بلڪل ناممڪن بڻجي ويندو  هاڻي گاج ڊيم جو تعميراتي ڪم جيڪو ڪيترن ئي سببن سبب روڪيو ويو آهي ڪُجھ وقت پهرين سپريم ڪورٽ جي هدايتن کانپوء 9 ارب رپين جي وڌيڪ رقم پڻ جاري ڪئي وئي ۽ ڪيس جي باقائدي انڪوائري پڻ ڪرائي وئي جنهن ۾ بجلي وارو وزير تمام آفيسرن پنهنجا بيان قلمبند پڻ ڪرايا پر افسوس جو سپريم ڪورٽ جهڙي اعلي عدالتن جي انڪوائري به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو  جيڪڏھن  ملڪ جون اعلي عدالتون ۽ ڪرپشن جي جانچ ڪندڙ ادار  انهن عوام دشمن ڪامورن تي هٿ رکندا ته پوء  اسان جو ملڪ ترقي بجاء تباهي طرف ويندو رهندو

پهنجو تبصرو موڪليو