نئون ديرو ڪرائي جي بجلي گهر ۾ بريت جي درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف سميت ٻين جوابدارن جي نئون ديرو رينٽل پاور ريفرنس ۾ بريت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. احستاب عدالت جي جج محمد بشير نئون ديرو رينٽل پاور ڪرپشن ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو اربع تي ٻڌائي ڇڏيو. نيب 2013ع ۾ راجا پرويز اشرف سوڌو ٻين جوابدارن خلاف اختيارن جي ناجائز استعمال جو ريفرنس داخل ڪيو هو، جڏهن ته جوابدارن پاران نيب قانون هيٺ بريت جون درخواستون ڏنيون هيون. عدالت نئون ديرو رينٽل پاور ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف سميت 10 جوابدارن جي بريت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. واضح رهي ته جوابدارن تي اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو