تحرير- نديم علي خواجه
ھن وقت جڏھن عالمي صورتحال ڳڻتي جوڳي آھي، دنيا اندر عجيب ڪشمڪش آھي، ڪيترائي ملڪ معاشي چيلينجز کي منھن ڏئي رھيا آھن، آمريڪه ۽ ايران اڃان تائين جنگي حالتن ۾ آھن، اھڙي حالت ۾ سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيه ھڪ گڏيل پليٽ فارم تي اچي ويا آھن، انھن ٽنھي ملڪن جو ھڪ ئي مقصد آھي، اھو مقصد امن جي بحالي ۽ بھتر معيشت آھي، انھي دفاعي معاھدي يقينن ھڪ طرف مسلمان رياستن کي ھڪ ئي پليٽ فارم تي جمع ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪيو آھي ته ٻئي طرف ڪجھ غير مسلم ملڪ انھي معاھدي جي خلاف آھن، انھن غير مسلم ملڪن کي يقين آھي ته جيڪڏھن مسلمان رياستون متحد ٿي ويون ته سندن طاقت ختم ٿي ويندي، حرمين شريف جي پاڪ ۽ مقدس ماحول ۾ انھي مڪه گڏيل دفاعي معاھدي تي پاڪستان جي وزير اعظم ميانه محمد شھباز شريف، سعودي عرب جي ولي عھد محمد بن سليمان ۽ ترڪيه جي صدر طيب رکڻ ايردوان جون صحيون تاريخي حيثيت حاصل ڪري ورتي آھي، انھي دفاعي معاھدي جو اھم مقصد اھو آھي ته ڪنھن به ھڪ ملڪ تي حملو ٽنھي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو، جڏھن امريڪه ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ زور وٺي ويئي ته پاڪستان سميت اسلامي رياستون پريشان ٿي ويون، خاص ڪري سعودي عرب سميت خليجي رياستون ھڪ عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي ويون، جنھن جو خاص سبب اھو آھي ته امريڪا عقلمندي کان ڪم وٺندي سعودي عرب ۽ خليجي رياستن ۾ پنھنجا فوجي اڏا قائم ڪري ڇڏيا، جن تان ايران تي حملا شروع ڪيا ويا، ايران پڻ پنھنجي دفاع جو اعلان ڪندي انھن ملڪن اندر موجود آمريڪي فوجي اڏن تي حملا شروع ڪري ڇڏيا، جنھن سبب آمريڪا جو تمام گھڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، جڏھن ته سعودي عرب سميت خليجي ملڪن جي معيشت ڪمزور ٿيئڻ لڳي، انھي جنگ ۾ خليجي ملڪن کي ڪوبه فائدو نه ٿي رھيو ھو، انھي معاھدي جي تقريب ۾ پاڪستان جو فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير پڻ موجود ھو، جڏھن ته انھي معاھدي کان پوء ٽنھي ملڪن جي سربراھن حرمين شريف ۾ گڏجي نماز پڙهي، جڏھن ته ٽنھي ملڪن جي سربراھن کي خانه ڪعبه جي اندر جي زيارت ڪرائي ويئي، جڏھن ته فيلڊ مارشل پڻ انھن سربراھن سان گڏ ھو، انھي دفاعي معاھدي جي تقريب ۾ ٽنھي ملڪن جا وزير دفاع پڻ موجود ھئا، جن ۾ پاڪستان جو خواجه محمد آصف، سعودي عرب جو شھزادو خالد بن سليمان ۽ ترڪيه جو جنرل رٽائرڊ ياسر گولر شامل ھو، انھي معاھدي کانپوء جيڪو گڏيل بيانو جاري ڪيو ويو آھي، تنھن مطابق عالم اسلام گڏيل طور تي محفوظ رھندو، ھي معاھدي نه ڪنھن جي خلاف آھي، ۽ نه ئي ڪنھن جي. خلاف سازش آھي، انھي معاھدي جو اھم سبب اھو به آھي ته عراق جا ھٿيار بند گروپ ۽ يمني حوثين سعودي عرب تي ڪيترائي حملا ڪيا آھن، سعودي عرب کي اھڙي قسم جي معاھدي جي سخت ضرورت ھئي، سعودي عرب مسلمان ملڪن ۾ ھڪ خاص مقام رکي ٿو، مڪه شريف ۽ مدينو شريف سعودي عرب جا اھي شھر آھن، جن ۾ روزانو مختلف ملڪن کان ڪروڙين مسلمان ايندا آھن، ۽ انھن شھرن ۾ پنھنجا اسلامي فرض ادا ڪندا آھن، جيڪڏھن ماضي تي نظر وجھنداسين ته يقينن اھو پھريون معاھدو نه آھي، انھي کان اڳ به ڪيترائي معاھدا مڪي شريف ۾ ٿيا آھن، 1981 ۾ OIC تحت مڪه ڊيڪليريشن معاھدو سامھون آيو ھو، 2005 ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر OIC تحت مڪه معاھدو ٿيو ھو، 2006 ۾ عراقي گروپن ۾ امن جي بحالي لاء پڻ ھڪ معاھدو ڪيو ويو ھو، 2007 ۾ پڻ مڪه معاھدو ٿيو ھو، اھو معاھدو سعودي عرب جي فرمانروا شاھ عبدالله پاران فلسطيني صدر محمود عباس ۽ حماس جي اڳواڻ خالد مشعل جي وچ ۾ ڪرايو ويو ھو، ترڪيه جي ھڪ اخبار صباح ۾ ھڪ ڪالم نويس لکيو آھي ته اھو گڏيل دفاعي معاھدي ٽنھي ملڪن جي دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪندو، ھن اھو به لکيو آھي ته اھو معاھدي انھي وقت سامھون آيو آھي، جڏھن روس ۽ يوڪرين ۾ جنگ جاري آھي، جڏھن اسرائيل فلسطيني عوام جي نسل ڪشي ڪندي بيگناھ مسلمانن کي شھيد ڪري رھيو آھي، جڏھن ايران ۽ آمريڪي جنگ دنيا جي معيشت کي ھڪ چيلينج ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي، ڏٺو وڃي ته ترڪيه، سعودي عرب ۽ پاڪستان طاقتور ملڪ آھن، جن وٽ ايٽمي ھٿيارن سان گڏوگڏ ھڪ طاقتور فوج ۽ مضبوط معيشت آھي، آھي ملڪ نه صرف غربت جي لڪير ھيٺ قائم مسلمان ملڪن جي ترقي ۽ بحالي لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا، پر مظلوم فلسطيني عوام کي پڻ اسرائيل جھڙي ظالم ملڪ کان نجات ڏياري سگھن ٿا، ۽ مسلمانن کي متحد ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ڀرپور طور نڀائي سگھن ٿا.










