محمد خالد ميمڻ
اڳ ۾ اليڪشن خاص طور مڪاني اليڪشن جو اعلان ٿيندو هيو ته وڏو چھچٽو مچي ويندو هيو ڇوته هي اليڪشن عام عوام جي اليڪشن سڏي ويندي آھي ڇاڪاڻ ته هن اليڪشن ۾ عام ماڻھو حصو وٺي ڪري اليڪشن لڙي پاور پنهنجي هٿن ۾ حاصل ڪري پاڻ جهڙن ئي عام عوام جا مسئلا حل ڪرائيندو آھي جنهن ڪري هن اليڪشن ۾ عام عوام ڀرپور نموني سان حصو وٺي چوٽي جا مقابلا ڪري اليڪشن کٽيندا آھن هن الڪيشن دوران هڪ ئي شھر هڪ ئي ڳوٺ ۾ هڪ ئي ڳوٺ جا ماڻھو اليڪشن ۾ مختلف پارٽين يان وري آزاد حيثيت سان حصو وٺي ڪري ورڪ ڪندا آھن ۽ ورڪ ڪندي ڪيترائي دفعا هڪٻئي جي سامهون اچي ويندا هيا يان وري هڪ ئي اوطاق تي ٻه يان ٽي حصو وٺندڙ ڌريون هڪ ئي ٽائيم پهچي وينديون هيون ته سڀ احترامن هڪٻئي کي چوندا هيا ته پهريان ڀلي اوهان پنهنجو احوال ڏيو اسان پوء ٿا ڳالهايون مطلب ته مخالفت ۾ هوندي به هڪٻئي لاء وڏو احترام ۽ عزت هوندي هئي بس رڳو اليڪشن واري ڏينهن سڀني ڌرين جون اکيون ڳاڙهيون هونديون هيون جنهن جي ڪري ڪجھ جهڙپون به ٿينديون هيون پر هن دفعي جيڪا مڪاني اليڪشن جو 26 جون تي پهريون مرحلو ٿيڻو آھي اها اليڪشن بدران سليڪشن پئي لڳي اهو ائين ته جيئن ئي اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني اليڪشن جو اعلان ڪيو ته سڄي سنڌ اندر آهسته آهسته اليڪشن جو ماحول تيار ٿيندو ويو ۽ عوام چونڊن ۾ حصو وٺڻ خاطر فارم وٺي ڀري ڏنا ته مختلف ذريعن وٽان اطلاع ملڻ لڳا ته حڪمران پارٽي پيپلزپارٽي جي طرفان سڄي سنڌ اندر سندن جي اميدوارن جي خلاف بيٺل اميدوارن کي مختلف حربن سان هٿ کڻائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ سڄي ۾ پ پ جا ڪيترائي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ جا اطلاع ملڻ لڳا اڳ ۾ به مڪاني چونڊن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪجھ اميدوار بنا مقابلي کٽڻ جون خبرون ملنديون هيون پر هن دفعي ته وڏي تعداد ۾ ۽ اهي به خاص طور پ پ جا اميدوار ڪامياب ٿيڻ ڪري اليڪشن جو اهو مزو رهيو ئي ناهي ان سلسلي ۾ مختلف ماڻھن ٻڌايو ته حڪمران ڌر طرفان پنهنجي مخالفن کي هٿ کڻائڻ جا مختلف طريقا آزمايا پيا وڃن جن ۾ نمبر هڪ ته جيڪڏهن اميدوار مظبوط آهي ته کيس اها آفر ڪئي وڃي ٿي ته پ پ ۾ اعلان ڪر ته اسان جا بيٺل اميدوار تنهنجي حق ۾ هٿ کڻي ويندا اگر مخالف ان ڳالھ تي راضي ٿئي ٿو ته ٺيڪ نه ته کيس مختلف ترقياتي اسڪيمون,ٺيڪا,روڪ رقم وغيره جي لالچ ڏني وڃي ٿي اگر ان تي به اهو راضي نه ٿو ٿئي ته اميدوار ۽ اميدوارن جي مٽن مائٽن جيڪي سرڪار ملازم هجن ٿا انهن تي دٻاء وجهي هٿ کڻايو ٿو وڃي نه ته سرڪاري ملازمن جون نوڪريون ختم ڪرڻ کين ڏورانهن علائقن ڏانهن بدلي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ جا اطلاع پڻ مليا آھن ۽ پوء به اگر اميدوار هٿ نه ٿو کڻي ته کيس تي ۽ سندس جي حامين تي پوليس ۽ ٻين ادارن جي ذريعي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا پيا وڃن مطلب ته ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي اميدوارن کي بنا مقابلي کٽرائڻ لاء سڀ حربا استعمال ڪرڻ جا اطلاع مليا آھن ان ڪري هن دفعي مڪاني اليڪشن جو اليڪشني چھچٽو جيڪو اڳ ٿيندو هيو اهو هن دفعي مشڪل ٿو نظر اچي ڇوته سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن يوسين ۾ حڪمران جماعت جا اميدوار بنا مقابلي کٽي ويا آھن يان جتي اليڪشن ٿيندي ته اها به بس مڙئي فارملٽي هوندي ڇوته انهن جاين تي حڪومتي اميدوارن جي مقابلي ۾ بلڪل ڪمزور اميدوار وڃي رهيا آھن جيڪي اليڪشن کٽڻ جي سگھ نه ٿا رکي سگهن اڳ ۾ جنرل اليڪشن يان هن مڪاني اليڪشن ۾ طاقتور ڌر پنهنجي رياستي طاقت استعمال ڪرڻ جو به رڪارڊ پڻ موجود آھي جنهن ۾ سرڪاري مشينري پوليس,روينيو,سميت ٻين ادارن کي اليڪشن جي دوران استعمال ڪيو ويندو هيو پر هن دفعي ته صفا نرالو رنگ ظاهر ٿيو آھي ته پنهنجي اميدوارن کي ڪنهن به صورت ۾ بنا مقابلي کٽرائڻو آھي ۽ اليڪشن ناهي ڪرائڻي جيڪا روايت هڪ تمام غلط روايت آھي ان سان عوام جيڪو اڳ ئي اليڪشنن مان مايوس ٿيل آھي اهو عوام ويتر سخت مايوس نظر پيو اچي ان جي لاء مڪاني اليڪشن ۾ زور زبردستي سميت مختلف حربن سان مخالف اميدوارن کي هٿ کڻائي پنهنجن اميدوار کي کٽائڻ واري ان عمل خلاف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان,سنڌ ھاء ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ اليڪشن کي اليڪشن وانگر لڙڻ جو هرهڪ کي حق ڏنو وڃي پوء ڀلي ڪير به کٽي اچي ۽ اليڪشن ۾ سرڪاري مشينري جي بنا ڪنهن خوف جي استعمال جو پڻ نوٽيس وٺي ختم ڪرائڻ گهرجي ڇوته هي مڪاني اليڪشن عام عوام جي اليڪشن آھي هن ۾ ته گهٽ ۾ گهٽ عوام کي پورو اختيار ڏنو وڃي ته عوام پنهنجي دلپسند من پسند اميدوار کي ووٽ ڏئي کٽرائي مٿي آڻي ته جيئن عوام جا حقيقي اميدوار اڳتي اچي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪري سگهن باقي جيڪي اميدوار بنا مقابلي يان سرڪاري مشينري جي زور تي کٽي اڳتي ايندا اهي ڪهڙي عوام جي خدمت ڪندا اهو ته هر ڪوئي سمجهي سگهي ٿو










