مِل مان بيدخل ملازمن سان صنعان جي ملاقات،خاطري ڪرائي

مِل مان بيدخل ملازمن سان صنعان جي ملاقات،خاطري ڪرائي

ڪوٽڙي (ن س )ڪوٽڙي جي صنعتي زون ۾ قائم ٽيڪسٽائل مِل مان بيدخل ڪيل ملازمن سان جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ملاقات ڪري کين خاطري ڪرائي آهي. جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي ٽيڪسٽائل مِل مان بيدخل ڪيل ملازمن سان ملاقات ڪري کانئن تفصيل ورتا. ان موقعي تي پورهيتن سان ڳالهائيندي صنعان قريشي چيو ته صنعتي زون ۾ قائم ٽيڪسٽائيل مِل جي انتظاميا بناجواز پورهيتن کي بي دخل ڪري ڇڏيو آهي ۽ کين حساب ڪتاب نٿو ڏنو وڃي جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته سنڌي ماڻھن جا فيڪٽرين ۾ پورهيو ڪرڻ جا دروازا بند ڪيا ويا آهن، جنهن کي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو. جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو ته هو پورهيتن سان هر موڙ تي گڏ آهن، انتظاميا پنهنجو قبلو درست ڪري ٻي صورت ۾ جلد جسقم مل اڳيان ڌرڻو هڻندي……..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو