ميڊيا هائوسز تي حملي بابت ڪيس 13 ڊسمبر تائين ملتوي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميڊيا هائوسز تي حملي، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ملڪيتن کي نقصان  رسائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت اهڙو حڪم ڇنڇر تي ايم ڪيو ايم اڳواڻن ڊاڪٽر فاروق ستار، عامر خان، قمر منصور، شاهد پاشا، گلفراز خٽڪ سميت 50 کان وڌيڪ ماڻهن خلاف داخل ڪيل ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت جيئن ئي ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته فريادي عدالت کي استدعا ڪئي ته منهنجي طبيعت ٺيڪ نه آهي تنهن ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي جنهن تي عدالت  فريادي  جي درخواست منظور ڪندي ڪيس جي  ٻڌڻي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ايندڙ ٻڌڻي تي ڊاڪٽر فاروق ستار، عامر خان ۽ ٻين جا وڪيل فريادي جي بيان تي جرح جاري رکندا. واضح رهي ته ڄاڻايل جوابدارن خلاف آرٽلري ميدان ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي ٻه ڪيس داخل ٿيل آهن، ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم باني سميت 8 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي. 22 آگسٽ 2016ع تي ايم ڪيو ايم ڪارڪنن جي هگامي ۽ ڀڃ ڊاهه دوران هڪ شخص مارجي ويو هو. 

پهنجو تبصرو موڪليو