گلاب لغاري (شاھنواز لغاري)بنيادي صحت مرڪز مان ميٽرنٽي ھوم سينٽر ٻئي ھنڌ منتقل ڪرڻ خلاف شھري ايڪشن ڪاميٽي پاران پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين مطالبو ڪيو ته سينٽر ساڳئي جاءِ تي بحال ڪيو وڃي. بنيادي صحت مرڪز گلاب لغاري ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي حوالي سان پي پي ايڇ آءِ بدين پاران قائم ڪيل 24 ڪلاڪن واري ھلندڙ ميٽرنٽي ھوم کي بند ڪرڻ خلاف شھرين پاران شھري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن صاحب خان لغاري اياز لغاري ۽ غلام شبير عرف بجلي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو انهيَ موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته چند سال پھرين پي پي ايڇ آءِ بدين پاران ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي حوالي سان چوويهه ڪلاڪ اسپتال کليل رکڻ لاء ميٽرنٽي ھوم سينٽر کوليو ويو ھو جنهن کي بااثر سياسي شخصيت جي ڳوٺ منتقل ڪرڻ لاءِ گلاب لغاري سينٽر کي بند ڪيو ويو آهي مظاھرين سينٽر کي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اگر سينٽر بند ٿيو ته علائقي جي غريب ماڻهن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو انھي لاء فوري طور تي ميٽرنٽي ھوم جي 24 ڪلاڪن واري صحولت ٻيھر بحال ڪئي وڃي.










