نئون ديرو (ن س) نئين ديري ويجهو مينهن چوري دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڀاڳيو قتل ٿي ويو آهي. ڌامراهه ٿاڻي جي حد سعدو ديرو ويجهو چورن گهر ۾ داخل ٿي مينهن چوري ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڳوٺ غازي شر مان چور مينهن چوري ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته شر برادري جي ماڻهن پيڇو ڪيو. پوليس موجب، چورن ۽ ڀاڳين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ عاقل واسي محمد پناهه شر قتل ٿي ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڀاڳئي جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب، پوليس چورن کان مينهن ڇڏائي ورتي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










