سيد زوار حسين شاهه
سنڌ ۾ ڪيترن ئي سالن کان اڪثر هر روز هڪ خبر پڙهندا ڏسندا رهون ٿا ته سنڌ جي ننڊڙي يا وڏي شهر ۾ هڪ معصوم نياڻي سان جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي ، جنهن کان پوء خوف حراس ته ڦهلجي ٿو اهي والدين جن جون نياڻيون پنهنجا شهر وسنديون ڇڏي ڪنهن شهر ۾ مستقبل سنوارڻ لاء پڙهن ٿيون يا نوڪريون ڪن ٿيون ، پر انتهائي ڏکائيندڙ ڳالهه اها آهي اهو وحشت ڦهلائيندڙ وحشين کي گرفتار به ڪيو وڃي ٿو پر آئين قانون ۾ ڪيئي اهڙيون گنجائشون آهن جنهن سان هو گهٽ سزا کائي ٿو ، يا هو ڪڏهن ڪڏهن آزاد به ٿي وڃي ٿو ، جڏهن ته پاڪستان اندر ڪيترائي مرتبه اهڙن دردندن کي ڦاهي ، موت ڏيڻ جي به سزا تجويز ڪئي وئي آهي ان تي قانون تي عمل اڃان به ناهي ٿي سگهيو ، ان سان گڏ اڪثر اهو به ڏٺو ويو آهي ته پاڪستان جي جيڪڏهن ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ڪو اهڙو ئي واقعو پيش اچي ٿو ته قانون اداره حرڪت م اچي وڃن ٿا پر سنڌ ۾ غريب ، مڊل ڪلاس ، ۽ امير جي لاء قانوني رعايتون پن ڏسي رهيا آهيون مان عرض ڪندس ته جڏهن ڪنهن قانون دان سان ڳالهه ٻول ٿي ته هن بهترين ڳالهه ڪندي چيو ته قانون آئين هڪ ئي آهي پر قانون آئين کي گواهه به گهرجن ، تهپڪا ثبوت به گهرجن جيڪي شاهد متاثرن جو وڪيل عدالت سڳوري ۾ پيش نه ٿو ڪري سگهي ، يا پوليس آفيسر ايف آء آر ئي اهڙي ٿو ڪٽي جو ان ظالم کي رعايت ملي ٿي وڃي ، ڪيترا به ثبوت هجن پر پوء به قانوني آئيني ان بگهئڙ کي رعايت ملي وڃي ٿي ، بس روئي سگهون ٿا پٽي پاراتا ڏيئي سگهون ٿا ٻيو ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون ، ، هن وقت به اڃان معصوم نياڻين سان ٿيل زيادتين جا درد ختم ناهين ٿيا مٿان ظلم جو پهاڙ ٿو ڪري ، هڪ راٺپر خاندان سان تعلق رکندڙ ڪراچي جي مشهور حب ملير ضلعي جي هڪ ڪاليج م يارهين جي شاگردياڻي کي 6 درندا اغوا ڪري گينگ ريپ ڪن ٿا ان سان درندا جنسي ڏاڍائي ڪن ٿا اجتماعي زيادتي ڪن ٿا جيڪو به هڪ وڏو درد ڀريو واقعو آهي ان نياڻي جو نالو بشرا راڄپر آهي ، جيڪا هن وقت پنهنجو زهني توازن وڃائي ويٺي آهي ، ان سان گڏ مون کي هڪ محرابپور ويجهو پير وسڻ جو واقعو پڻ ياد اچي ٿو جنهن جو نالو سونيا راڄپر آهي ان سان گڏ پنهنجي ئي برادري جي ان نياڻي ان جي والدين جي چوڻ موجب ڪجهه مهينا سونيا راڄپر کي جديد هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو هڪ شهر کان ٻئي شهر ان کي شفقت ڪندا رهيا ان سان بار بار مختلف درندا جنسي ڏاڍ ڪندا رهيا برحال ان کي انصاف ته نه مليو پر اهو به ڪڙو سچ آهي ته جيئري رهندي سونيا جو ڄڻ دم نڪتل آهي ، ان کي ڪير انصا ڪندو ، جڏهن سونيا راڄپر اغوا ٿي هئي ان وقت ٻڌائين ٿا ته ان جي عمر 11 سال هئي ، 6 مهينا عزت لٽيندا رهيا پر هو اڄ به انصاف جي لاء واجهائي رهي آهي جڏهن بشرا سان ٿيل واقعي جي مون يک خبر پئي ۽ سنڌ ۾ راڄپر برادري جي ماڻهن پريس ڪلبن اڳيان احتجاج ڪيا ته اها نياڻي مونکي ياد اچي وئي جنهن کي امن ته گهٽ م گهٽ نه ٿو وساري سگهان ، هيومن رائيٽس واچ پاڪستان جو مرڪزي چيئرمين ايڊوڪيٽ جناب ناظم علي خان انساني حقن جي تنطيم جو مرڪزي اڳوان فقير محمد عباسي ۽ ڪيترائي وڪيل ، سماجي رهنما ان سان گڏ هڪ پير وسڻ لاء موجائي ڳوٺ آهي جتي پهچي انهن کي چيو ويو ته توهان سان انصاف ٿيندو پر ڪڙو سچ اهو به آهي ته هو نه تعليم حاصل ڪري سگهي نه هان هو هن غليط معاشري ۾ ڪو پنهنجو ڪردار ڏيکاري سگهي بس وري به اها ئي ڳالهه هن رياست پاڪستان ۾ بس خاموشي اختيار ڪري سگهجي ٿي ، راڻيپور پريس ڪلب ، سٽي پريس ڪلب ، نيشنل پريس ڪلب اٽر نيشنل پريس ڪلب تي راڄپر برادري جي ڪيترن ئي ماڻهن بشراراڄپر سان ٿيل زيادتي خلاف احتجاج ڪندا رهيا ۽ حڪومت وقت وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاه ، آئي جي سنڌ ، پوليس ، سميت ٻين ادارن جي وس وارن آفيسرن کان مطالبو ڪيو تهه بشرا راڄپر سان ٿيل زيادتي جو فوري نوٽيس وٺي درندن بگهيئڙن کي گرفتار ڪري ڪڙي کان ڪڙي سخت سزا ڏني وڃي جيئن ڪو اهڙو بيو واقعو پيش نه اچي سگهي ، نياڻي ڪنهن يج به هجي اها نياني آهي ، سوال اهو به هاڻ پيدا ٿي رهيو آهي ته پاڪستان سميت سنڌ حڪومت ڇا پئي ڪري ، هو تحفظ ڪيئن مهيا ڪندي رياست ڇا پئي ڪري ، جيڪڏهن مان سنڌ اندر ٿيل واقعن جي لسٽ بيان ڪيان ته هڪ گهر ڇڏي ٻئي گهر جو واقعو آهي ، پير ڳوٺ هادل شاه جو واقعو اڃان وسريون ئي ناهي ته وري هي ڪراچي ملير جي هڪ ڪاليج ۾ پڙهندڙ نياڻي سان ٿيل واقعو ڀلا هاڻ ڪيئن وساري سگهندا سين ان ڪري ، خدا پاڪ جي واسطي خدا پاڪ جي خوف کان ڊڄو اهڙن واقعن کي روڪيو جيڪڏهن هاڻ به نه روڪي سگهيا ته بيو ڪجهه نه ٿئي پر خدا پاڪ جو عزاب ضرور انهن مٿان نازل ٿيندو ، بس تعجب اهو به ٿئي ٿو ته قانون جا رکواله جن کي اسان ووٽ ڏيئي اسيمبلين ڏانهن موڪليون ٿا اهي هن وحشيت کي ڪيئن پڪڙي قانوني سزا ڏيندا ، انساني حقن جي تنطيم هيومن رائيتس پيس آف سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ فقير محمد عباسي پڻ سٽي پريس ڪلب رانيپور تي پهچي قلم ڪارن سان ڳالهه ٻول ڪندي چيو ته سنڌ جون هزارين نياڻيون پنهنجا شهر ڇڏي ڪراچي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيون آهن ، جڏهن ته بشرا راڄپر جيڪا گلشن حديد رهائش پذير هئي ان کي اغوا ڪري 6 ڇهن ڄڻن جنسي يانگي پوري ڪئي وحسٽي درندن کي پڪڙي ٽنگي گهٽ م گهت موت جي سزا ڏني وڃي ، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حڪومت وقت اهڙن وحشي درندن کي سزا نه ڏني ته پوء ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ڄائيون تعليم حاصل نه ڪري سگهن ، فقير محمد عباسي ، علي امداد لاڙڪ اسد علي وساڻ ياسين راڄپر رضا راڄپر ، نديم شيخ ، نجيب جوڻو ، ڪريم ڏنو نارائي ٻين پڻ اهڙي واقعي خلاف شديد احتجاج ڪندي ، وحشين جي پڪر گرفتاري جو مطالبو ڪيو ، جڏهن ته سنڌ جي ناليواري سٽي پريس ڪلب راڻيپور ، سٽي لائيو ڊجيٽل نيوز اسٽوڊيو ۾ معصوم نياڻين سان ٿيندڙ زيادتين ، ڪراچي ملير يارهين جماوعت جي شاگردياڻي بشرا راڄپر ، سونيا راٺپر پير وسڻ ڳوٺ فيض محمد موجائي ۾ به جنسي ٿيل ڏاڍائي خلاف لائيو پروگرام نشر ڪيو ويندو جنهن م بهترين ساک رکندڙ پينل قلم ڪار تجزيه نگار منظور حسين انصاري ، انور علي ناريجو علي امداد لاڙڪ الطاف حسين عباسي ، سيد زوار حسين شاه آصف علي شر ، نجيب علي جوڻو ڳالهائيندا ، پر مان عرض ڪندس ته رياست پاڪستان اندر ڪم ڪندڙ ڪئي ادارن جن مٿان عوام جو جيڪو اعتماد هو اهو ختم ٿي چڪو آهي جنهن کي بحال ڪرڻ لاء سستي نه چستي ڏيکارڻي پوندي ، ياد رهي ته ڪجهه هفتا اڳ ضلع خيرپور پير ڳوٺ جي هادل شاه ۾ پڻ انتهائي درد ناڪ مونيڪا لاڙڪ سان پڻ جنسي ڏاڍائي ڪري بي دردي سان کيس کي قتل ڪيو ويو ، عوامي دٻاء سياسي سماجي دٻاء ۽ لائيو سيشن ۾ مونيڪا سان ٿيل زيادتي تي ڪئي پروگرام لائيو نشر ٿيا جنهن کان پوء ڊي آئي سکر سنڌ پوليس جي فدا حسين مستوئي جيڪو بهترين انسان آهي هن واعدو ڪيو ته جلد ميونيڪا جا قاتل زيادتي ڪندڙ گرفتار ٿيندا ، ڏينهن رات ڪوششن بعد ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي ان جي ٽيم جي ڪوششن رنگ لاٿو ۽ اصل قاتل گرفتار ڪيا ويا هيا، ائين ئي اسان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ،ي قابل احترام چيف جسٽس صاحب م وزيراعلي سنڌ چيف جسٽس سنڌ هاء ڪورٽ سنڌ . آئي جي سنڌ ڊي جي رينجرس کي اپيل ڪيون ٿا ته ڪراچي ۾ پرهندڙ سنڌ ڄائي بشرا راڄپر سان ٿيل جنسي ڏاڍائي گينگ ريپ جو فوري نوٽيس وٺي 6 هي وحشين بگهيئڙن درندن کي گرفتار ڪري سري عام چوراهي تي ٽنگي موت جي سزا ڏني وڃي جيئن ڪو ٻيو بگهئڙ ڪنهن ٻي سونيا ، موينڪا ، يا بشرا سان وري جنسي ڏاڍائي نه ڪري سگهي جيڪڏهن سخت سزائون نه ڏنيونسين ته پوء وري ڪو بيو واقعو پيش ايندو احتجاج ٿيندا وري خاموش گهٽ م گهت ائين نه ٿئي ، رياست پاڪستان جي تمام ادارن کي اپيل ڪيون ٿا ته هن مسئلي تي غور ويچار ڪري نتيجو ڏين. Zawarshah110@gmail.com










