مولا جٽ ڪمائي ۾ سنجو کان به اڳتي نڪري وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)مولا جٽ رنبير ڪپور جي فلم ”سنجو“ کي به مات ڏئي ڇڏي. بلال لاشاري جي دي ليجنڊ آف مولا جٽ هر گذرندڙ ڏينهن سان نوان رڪارڊ قائم ڪري رهي آهي ۽ هاڻي فلم رنبير ڪپور جي بالي ووڊ فلم سنجو کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. جيو فلمز، انسائيڪلو ميڊيا ۽ لاشاري فلمز پاران پيش ڪيل شاهڪار پيس ”دي ليجنڊ آف مولاجٽ“ هڪ ٻيو نئون اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. نه رڳو اها فلم 4 سالن ۾ برطانيا ۾ برصغير جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلم بڻجي وئي پر ان فلم سپر هٽ تامل فلم ”پوني سيلون“ جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو. ان سان گڏ دي ليجنڊ آف مولاجٽ رنبير ڪپور جي سنجو کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي، 2018ع جي فلم سنجو 37 ڪروڙ ڪمايا هئا پر مولا جٽ 30 ڏينهن ۾ 35 ڪروڙ ڪمائي سڀني کان اڳتي آهي. دي ليجنڊ آف مولا جٽ ڪاميابيءَ سان سڀني پنجابي هٽ فلمن جي سڄي حياتيءَ جي ڪمائي کي مات ڏئي نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو