اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور عثمان چيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ممڪن ناهن، موجوده صورتحال ڳالهين لاءِ مناسب ناهي.صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اٽارني جنرل منصور عثمان چيو ته پي ٽي آءِ سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ مشڪل آهي ڇو ته هڪ هفتي کان اهڙي صورتحال هلي رهي آهي.اٽارني جنرل منصور عثمان چيو ته موجوده حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، سپريم ڪورٽ 15 مئي تي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ کي ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو.هن چيو ته حڪومتي ٽيم جولاءِ ۾ پي ٽي آءِ سان ڳالهين ۾ اسيمبليون ٽوڙڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي هئي.










