ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آصف زرداري چيو آهي ته مهذب قومون پنهنجي ثقافت، تهذيب ۽ ٻولي کي ڪڏهن به نه وسارينديون آهن سنڌ واسين پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت کي سدائين مٿانهون رکيو آهي،اُنهن ڌرتي لاءِ جان ڏيندڙ شهيدن کي ڪڏهن به ناهي وساريو، سنڌ واسي ثقافت کي زنده رکڻ سان گڏ ڌرتي تي شدت پسندي کي وِٿي نه ڏين










