ڏکڻ ڪوريا ۾ اڳوڻي زال کي 644 ملين ڊالر ڏيڻ جو حڪم

ڏکڻ ڪوريا ۾ اڳوڻي زال کي 644 ملين ڊالر ڏيڻ جو حڪم

سئول (مانيٽرنگ ڊيسڪ): ڏکڻ ڪوريا جي سپريم ڪورٽ دنيا جي مشهور ميموري چپ ٺاهيندڙ اداري ”ايس ڪي هائنڪس“ جي ارب پتي مالڪ چي تي وون جي اپيل تي فيصلو ٻڌائيندي طلاق جي معاوضي واري رقم کي گهٽائي 644 ملين ڊالر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ سئول هاءِ ڪورٽ 2024 ۾ کيس پنهنجي اڳوڻي گهر واري کي 940 ملين ڊالر ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن خلاف هن سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي هئي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اڳوڻي صدر جي ڌيءُ رو سو يونگ کي ازدواجي اثاثن جي ٽئين حصي جي برابر نقد رقم ڏني وڃي. مقامي ميڊيا هن طلاق کي گذريل 100 سالن جي سڀ کان مهانگي طلاق قرار ڏنو آهي. ياد رهي ته ٻنهي جي شادي 1988 ۾ ٿي هئي پر 2017 ۾ اختلافن سبب معاملو عدالت پهتو، ۽ قانوني ماهرن موجب اڃا به ٻنهي ڌرين کي وڌيڪ اپيل جو حق حاصل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو