لاهور(ويب ڊيسڪ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان مهانگائي ۽ بجلي جي بلن ۾ اضافي خلاف 26 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته جماعت اسلامي اڄ سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪري رهي آهي، سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ڌرڻا هنيا ويندا، جڏهن ته بجلي جي اگهن ۾ اضافي خلاف 26 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويندو. ۽ مطالبا منظور نه ڪيا ويندا.جماعت اسلامي جي مرڪزي امير چيو ته عوام کي 26 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پرامن ڌرڻي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو.اهي عوام دشمن قدمن خلاف ”حق دو عوام ڪو“ تحريڪ هلائي رهيا آهن، اهي به روڊن تي نڪرندا ۽ عوام جي حقن لاءِ عدالتن ۾ ويندا.حافظ نعيم چيو ته اسان جي تحريڪ عوام دشمن بجيٽ خلاف آهي، حڪمران آءِ ايم ايف جي حڪم تي بجلي جا بل وڌائي رهيا آهن.حڪومت کي گهرجي ته عوام کي بجلي جي بلن ۽ ظالماڻي سليب سسٽم تي رليف ڏئي.امير جماعت اسلامي چيو ته هو مخصوص سيٽن تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪن ٿا.عدالت جي فيصلي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جي ڪابه اخلاقي حيثيت ناهي رهي، چيف اليڪشن ڪمشنر کي فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جڊيشل ڪميشن ٺاهي ۽ فارم 45 جي بنياد تي هر سيٽ جو فيصلو ڪري، چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳائيندڙ پارٽيون مخصوص سيٽون وٺن، سپريم ڪورٽ جو فيصلو اڌوري سان قبول نه ڪيو وڃي. .










