اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته بلاول ڀٽو ڪجهه به چئي سگهي ٿو، اهو سندس حق آهي ۽ مان سندس تنقيد کي ويلڪم (ڀليڪار) ڪريان ٿو پر مان پنهنجي نقطئه نظر تي قائم آهيان.خواجه آصف چيو ته مهاجرن جي سيٽن (نشستن) تي سياست ٿي رهي آهي.هن چيو ته سياستدان ڪشمير ۾ اليڪشن جي ڪري جنگ ۾ قرباني ڏيندڙن جي توهين ڪري رهيا آهن.خواجه آصف جو چوڻ هو ته جيڪڏهن منهنجي پارٽي مون کي شٽ اپ ڪال ڏيندي ته مان شٽ اپ (خاموش) ٿي ويندس.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته آيا مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ انهن مسئلن جو حل نڪري سگهي ٿو يا نه.










