منڇر ڍنڍ جي تباھي جو ذميوار ڪير ؟

منڇر ڍنڍ جي تباھي جو ذميوار ڪير ؟

ليکڪ محمد اظهر رند

سنڌ ڌرتيءَ جيڪا وسيلن سان مالا مال جتي هر طرح جون قدرتيءَ نعمتون موجود آهن جيڪا هن خطي جي خوشنصبي آهي دينا جي تاريخ ۾ جيترا هن خطي ته ٻاهريان حملا ٿيا ان جيترا ڪنهن ٻئي دينا جي حصي ته نه ٿيا آهن ڇاڪاڻ ته هن خطي ۾ هر طرح سان موسمون جتي گرمي اونهارو سيارو سرءُ سان هر قسم جو فصلن جون اپتون ٿين ٿيون هتي شروعاتي دور ۾ جڏهن انسان پيٽ جي بک کي مٽائڻ لاءِ ڪيترائي ڪشالا ڪٽان ته هن اهو فيصلو ڪيو ته جتي پاڻي جهڙي نعمت موجود هجي ان اتي پنهنجي زندگيءَ بسر ڪرڻ جو اتي ٺڪاڻو ٺاهيو ڇاڪاڻ ته پاڻيءَ انسان جو پهريون گهرج آهي جتان هو اناج سبزي اڳائي ڪري پنهنجي کاڌ خوراڪ پيدا ڪندو آهي جنهن سان هو زندگيءَ جي سفر کي اڳتيءَ ڪرڻ ۾ ان کي مدد ملندي آهي هن ڌرتيءَ ته پاڻي جا وڏا وهڪرا جا آثار موجود آهن جيڪي ڪنهن اوائلي وقت ۽ ان دور ۾ ان زمينيءَ حصي تان درياءَ جو پاڻي گذر ڪندو هو تڏهن سنڌو ماٿريءَ جيڪا هزارين سال پهريان جڏهن سنڌو درياءَ جو پاڻي گجگوڙ ڪري وهندو هو تڏهن هتان جون زميون سرسز آباد هونديون هيو ڇاڪاڻ ته ان وقت سنڌ هڪ مخصوص علائقو نه پر وسعي تر هڪ ملڪ هوندو هو جڏهن ڌاريا جون سئون جي تعداد ۾ جنگون لڳون هتان جا خزانه ڦريا ويا لٽ مار ٿي پوءِ  حدون جو ورهاست جو آغاز ٿيو آڄ جو جيڪو موضوع آهي اهي آهي سنڌ جي اها ڍنڍ جيڪا پوري ايشا کنڊ جي وڏي ڍنڍ آهي اها منڇر دادو ۽ ڄامشورو ضلعي ۾ واقع آهي جنهن کي ٻه تعلقا لڳندا آهن هڪ سيوهڻ جيڪا لال جي قلندري جون حدون لڳن ٿيون ٻيون تعلقو جوهي تائين پکڙيل آهي هن منڇر ڍنڍ جي ايراضي 230 اسڪوائر ڪلو ميٽر ۾ پکڙيل آهي هن جي آس پاس جي آبادي 1 ڪلو ميٽر جي تائين آهي جنهن ۾ مهاڻن جي آهي هن ڍنڍ مان تقريبن 40 کان 50 هزاز ماڻهون جو گذر سفر هن ڍنڍ تان ٿيندو هو هن ۾ 2 هزار ٻيڙيون ڪم ڪنديون هيون  1971 ع  ۾ ايران جي شهر رامسير ۾ هڪ معاهدو ٿيو جيڪو ڍنڍن جي بحالي لاءَ هڪ قراداد پاس ڪئي وئي هئي پر ان ته  عمل ناهي ٿي سگهيون آهي جنهن جي ڪري اهڙيون قديمي ڍنڍون ڪنهن ڏڪار جو منظر پيش ڪري رهيو آهن جڏهن هن ۾ چاڙهه هوندي هئي تڏهن ان وقت هن ۾ 200 قسمن جون ناياب مڇيون جنهن ۾ پلو ٿيلهو موراخي وات وڏو پوڻڪي گندڻ جو تعداد عام طور لکيو ويندو آهي هتان جا مهاڻا مڇي جو شڪار ڪري بوبڪ ڀان اسٽيشن جي ذريعي پوري سنڌ سميت ملڪ ۾ مڇي جي سپلائي ڪيو ويندو هو هن جو پاڻ زراعت لاءِ پڻ وڏو ڪارائتو هوندو هو هن جي پاڻي سان 1 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هوندي هئي ان ۾ ڪپهه ڪڻڪ تماڪ ۽ وڏي مقدار ۾ سبزيرون جو پيداوار ٿينديون هيون هن کي سنڌو درياءَ مان ٽه چينلز سترواهه آرل واهه مهور لک ذريعي منڇر کي پاڻي جو اتان فراهم ٿيندو هو جنهن سان ڍنڍ جي چاڙهه ٿيڻ ڪري 122 آر ايل تائين پهچي ويندو هو سرڪار جي ناقص پاليسي سبب ڍنڍ تباهي ڪناري پهتي آهي 1976 ع ۾ واپڊا پاران نارٿ سرفيس دادو ڊرينيج نالي منصوبو شروع ڪيو ويو جنهن تحت جي آڙ ۾ آر بي او ڊي جو زهريلو پاڻي مسلسل ڇوڙ سبب ڍنڍ زهريلو پاڻي ٿيڻ ڪري تباهي حال تائين پهتي آهي ان ڪري 25 هزار مهاڻا لڏپلائڻ ڪري مختلف علائقن ڏانهن هليا ويا آهن ڇاڪاڻ ته هن پاڻي جي جيوت مان انهن جو گذرسفر جو ٿيندو هو هن جي تباهي سان علائقيءَ جي خوشحالي بدحالي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي جنهن سان هتان جا مائروڙا خانابدوش واريءَ زندگيءَ بسر ڪرڻ ته مجبور آهن .هن منڇر ڍنڍ جو اوج جيستائين نه موٽيندو اوستائين هنن مهاڻن جي چهرين ته مرڪ نه نظر ايندي. azharrind1@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو