اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي شرح ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هن موذي وبا سبب ڪو به مريض فوت ناهي ٿيو.ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 53هين نمبر تي اچي ويو آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح 0.52 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ وڌيڪ 42 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ 73 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 هزار 607 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي چڪا آهن.ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 71 هزار 936 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 8 هزار 30 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 4 لک 5 هزار 872 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.










