ملڪ ۾ ڪوورنا سبب وڌيڪ 84 مريض فوت ٿي ويا

ملڪ ۾ ڪوورنا سبب وڌيڪ 84 مريض فوت ٿي ويا

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)  پاڪستان ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 4 هزار 723 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران موذي وبا وڌيڪ 84 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ گڏيل طور تي 50 هزار 186 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا. 4 هزار 723 ڪيس رپورٽ ٿيا. اهڙي طرح ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 9.41 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل ڏينهن جي مقابلي ۾ معمولي گهٽ اهي. ملڪ ۾ ڪورونا سبب متاٿر ماڻهن جو گڏيل انگ 6 لک 82 هزار 888 ٿي ويو آهي.  پنجاب 2 لک 20 هزار 953، سنڌ 2 لک 85 هزار 917، خيبرپختونخواهه 89 هزار 225، بلوچستان 19 هزار 610، اسلام آباد ۾ 59 هزار 401، آزاد ڪشمير 12 هزار 984 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 45 ڄڻا ڪورونا سبب متاثر ٿي چڪا آهن.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا 19 جا 2 هزار 486 مريضن هن وبا کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. اهڙي طرح هن وبا مان صحتياب مريضن جو انگ 6 لک 9 هزار 691 ٿي ويو آهي. ڪورونا ملڪ ۾ وڌيڪ 84 مريضن کان حياتي کسي ورتيون. اهڙي طرح هينئر تائين ملڪ ۾ هن وبا سبب فوت ٿي ويل مريضن جو انگ 14 هزار 697 ٿي ويو آهي. سڀني کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾ ٿيون آهن جتي 6 هزار 485 مريض هن وبا سبب حياتيون وڃائي چڪا آهن.سنڌ ۾ 4 هزار 504، خيبرپختونخواهه 2 هزار 392، اسلام آباد 572، گلگت بلتستان 103، بلوچستان ۾ 209 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 358 مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن.اين سي او سي موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 58 هزار 500 ٿي ويو آهي. جن مان 3 هزار 490 جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو