ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي شرح 2.97 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته وائرس ۾ مبتلا 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 19 هزار 591 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 581 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي.اين آءِ ايڇ موجب ملڪ ۾ ڪورونا ۾ مبتلا 178 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته 4 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو