ملڪ ۾ ڪورونا جا  21سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ، 65 فوت

ملڪ ۾ ڪورونا جا 21سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ، 65 فوت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 179 ماڻهن  ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي  جڏهن ته 65 مريض فوت ٿي ويا نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا 41 هزار 435 ٽيسٽ ڪيا ويا.  اهڙي طرح ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن ۾ هن وائرس جي سڃاڻپ لاءِ ڪيل ٽيسٽن جو گڏيل انگ  78 لک 89 هزار 741 ٿي ويو آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 2 هزار 179 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي جنهن کان پوءِ وائرس ۾ مبتلا ڪورونا جي گڏيل ڪيسن جو انگ 5 لک 43 هزار 214 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هڪ هزار 407 ڄڻن ڪورونا وبا کي شڪست ڏني آهي. اهڙي طرح هينئر تائين 4 لک 98 هزار 152 ڪورونا مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي وبا وڌيڪ 65 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن جنهن کان پوءِ هن وبا سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 11 هزار 623 ٿي ويو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي گڏيل فعال مريضن جو انگ 33 هزار 439 ٿي ويو آهي جيڪي پنهنجي گهرن، اسپتالن يا خاص مرڪزن ۾ علاج هيٺ آهن انهن ۾ 2 هزار 111 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو