ملڪ ۾ چونڊون چاهيون ٿا پر عمران خان جو احتساب ٿيڻ بعد: جاويد لطيف

ملڪ ۾ چونڊون چاهيون ٿا پر عمران خان جو احتساب ٿيڻ بعد: جاويد لطيف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ جاويد لطيف پاڪستان تحريڪ انصاف جي ملڪ ۾ جلد چونڊون ڪرائڻ جي مطالبي تي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير ميان جاويد لطيف چيو ته اسان کان اسان جي ڪارڪردگيءَ بابت پڇڻ وارا 2017ع جي اسان جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺن، ٻڌايو وڃي ته ملڪ کي بيمار ڪنهن ڪيو، غلط دوا ڪنهن ڏني.هنن چيو ته اوهان ٻن صوبن جا وسيلا استعمال ڪري هڪ مقرري کي روڪڻ چاهيو پر هو روڪي نه سگهيا، بعد ۾ اختلاف وڌندا.هن چيو ته رنگ روڊ، ڪمند، ڪڻڪ ۽ دوائن سميت ٻيا اسڪينڊل سامهون اچڻو آهي، هاڻي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جا تفصيل سامهون اچڻا آهن.جاويد لطيف چيو ته جيئن هي جماعت ٺهي هئي، هاڻي پرويز الاهي جي چوڻ تي ان کي ٽوڙڻ شروع ڪيو آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان ملڪ ۾ جلد چونڊون ڪرائڻ جي مطالبي تي وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ميمبرن جو وڏو گروهه اسان سان رابطي ۾ آهي، اسان چونڊون چاهيون ٿا پر عمران خان کان پوءِ ئي احتساب ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو