ملڪ ۾ وڌندڙ معاشي بحران ۽ عام اليڪشن

ملڪ ۾ وڌندڙ معاشي بحران ۽ عام اليڪشن

عبدالمجيد بروھي
ھن وقت ملڪ ۾ آئيني ۽ معاشي بحران ڀي قابو بڻيل آھي ڊالر جي اڏام کي ڪير بـ روڪڻ جي لاء تيار نـ۔ ملڪي سطح تي عوام بي يارددگار آھي ھر طرف کان اھي صدائون۔ بلند آھن تـ ھاڻي ڇا ٿيندو عمران خان جي حڪومت جو آئيني طريقي سان حڪومت ختم ڪرڻ بعد جيڪا جمھوري حڪومت اتحادين ٺاھي ھئي اھا حڪومت بـ عوام کي ڪو رليف ڏيڻ بجاء ويتر مصيبتن جي منھن ۾ ڦاسائي پاڻ بـ مشڪل ۾ اچي وئي آھي تـ عوام کي بـ بي ياددگار ڇڏڻ جي پويان آھي وفاقي حڪومت پاران يا تـ اھو چوڻ گھرجي تـ اسان ناڪام بڻجي ويا آھيون ڇو تـ ھنن ملڪ بچائڻ جي خاطر جيڪي مشڪل فيصلا ڪيا آھن انھن مشڪل فيصلن کي عوام سمجھڻ لاء تيار نـ آھي تـ اھي مشڪل فيصلا انجي ڪرڻا پيا۔ڇو تـ جيڪڏنھن ملڪ جي لاء اھي فيصلا نـ ٿين ھا تـ پوء ملڪ کي سري لنڪا جھڙن حالتن کان ڪير بـ بچائي نـ سگھن ھا ملڪ معاشي ڏيوالپي جو شڪار ٿي وڃي عوام کي ھن وقت اھي ڳالھيون سمجھائڻ مشڪل آھي اتحادي حڪومت غلط فيصلا ڪري ملڪ کي بچايو آھي پر پاڻ مشڪلاتن جي ڌٻڻ ڦاسي پيا آھن عوام کي ھن وقت اتحادي حڪومت کان صرف انجي ڪري غصي ۾ آھي ڇو تـ انھن سخت فيصلا ڪري ملڪ جي معاشي حالتن کي بچائڻ لاء تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ان بعد قوم جي دلين ۾ کين نفرت کي جڳايو آھي عوام اتحادي حڪومت کان غصي ۾ انجو تازومثال پنجاب ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊون آھن جنھن ۾ پنجاب جي عوام ن ليگ کي بلڪل مسترد ڪيو ۽ تيل ۾ وڌايل قيمتن جو سندس کان بدلو ورتو ھنن حالتنن ۾ جيڪڏنھن حڪمران اتحاد وارا عام اليڪشنز جي طرف ويندا تـ کين ڪاپاري ڌڪ رسندو ڇو تـ حڪومت ھن وقت سخت مشڪل فيصل ڪرڻ سبب عوام وٽ پنھنجي ساک وڃايو آھي ھاڻي ھن حڪمران اتحاد کي گھرجي تـ جيڪڏنھن سندن مٿان وڏو دٻاء وجھي اليڪشن لاء کين راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي ڪوشش ڪنھن بـ ڌر اپوزيشن ۽ ٻين پاران زور وڌو وڃي تـ پوء اتحادي حڪومت بـ بنا خوف جي پنھنجن ڪيل سخت فيصلن تي نظرثاني ڪري تيل جي قيمتن ۾ جيڪو ھنن ملڪ کي بچائڻ جي لاء سخت فيصلا ڪيا ويا ھيا اھي بـ پوء فورن واپس وٺي عوام کي ريلف ڏئي ڪري تيل جي قيمتن ۾ فورن ھڪ سئو روپيا گھٽتائي ڪري انھن قوتن کي بـ اک ڏيکارين تـ جيڪڏنھن توھان اسان مٿان جلد اليڪشنز جو زور وجھي اليڪشن ڪرائڻ چاھيو ٿا تـ پوء اسان بـ اليڪشنز ۾ وڃڻ کان اڳ ۾ پنھنجا ڪيل سخت فيصلا واپس ٿا وٺون ۽ آء ايم ايف سان ڪيل معاھدو بـ ختم ٿا ڪريون معاھدو ڪريون اسان مشڪل فيصلا ڪريو اسان ۽ فائدا وٺي نيازي ھاڻي اسان بـ آء ايم ايف سان معاھدو ختم ڪري تيل جي قيمتن ۾ گھٽتائي ڪري پوء اليڪشن ۾ وينداسين ان بعد عوام وٽ وينداسين باقي جيڪي ڪم اسان کان ملڪ بچائڻ خاطر ڪرايا ويا آھن ۽ ان بعد جيڪو حشر اسان جو ھنن ڏينھن ۾ ڪرايو ويو آھي ان مان صاف ظاھر آھي تـ ان صورتحال ۾ اليڪشن وڃڻ ۽ کٽڻ مشڪل نـ پر ناممڪن آھي ھاڻي سڀ ڪجھ اتي نـ ڇڏجي فورن تيل جي قيمتن ۾ ھڪ سئو روپيا گھٽتائي ڪري پوء عام اليڪشن جو اعلان ڪيو وڃي ۽ آء ايم ايف سان ڪيل ڳالھيون اتي ختم ڪري اھو ڪم بـ اليڪشن بعد ايندڙ حڪومت لاء ڇڏيو وڃي ملڪ ھن وقت تمام سخت بحران ۾ ڦاٿل آھي ان باوجود موجودا حڪومت کي وقت ڏيڻ بجاء ان مٿان عام اليڪشن ڪرائڻ لاء عمران خان ۽ ٻين پاران سخت دٻاء آھي جنھن سبب غير يقيني واري صورتحال سبب ٻاھرين ملڪن جا سيڙپڪار پاڪستان ۾ واپار ڪرڻ لاء تيار نـ انجي ڪري ئي ڊالر جو پرواز تيزي سان جاري آھي ٻاھرين ملڪن پاران واپار لاء ڊالر جو استعمال ٿيندو آھي اھو واپار بند ھجڻ جي ڪري ڊالر اچڻ بـ بند ٿي ويو آھي سيڙپڪارن پاران پنھنجا پيسا ٻڏڻ کان بچڻ لاء اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ وڃي شيئرز جو ڪاروبار ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آھي جنھن سبب اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سخت مندي آھي ڪيترن ۽ سيڙپڪارن جا اربين روپيا ٻڏي ويا آھن ھن غير يقيني واري صورتحال مان نڪرڻ جو واحد حل اھو آھي تـ ھن اتحادي حڪومت کي مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ جيڪي سخت معاھدا ڪري آء ايم ايف سان ڊيل ڪري آھن ان ڊيل تي عمل ڪري ملڪ جي معاشي خساري کي ختم ڪيو وڃي جيڪڏنھن نـ تـ پوء حڪمران اتحاد بـ اميج کي پاڪستان جي عوام ۾ بحال ڪرڻ لاء ڪيل سخت فيصلا واپس وٺي پوء عام اليڪشن جو اعلان ڪري خدارا ملڪ کي سريلنڪا واري صورتحال ڏانھن وٺي نــ وڃو ھن حڪومت جيڪي سخت فيصلا ملڪ بچائڻ لاء ڪيا آھن انھن سخت فيصلن جو لاڀ وٺڻ جو موقعو بـ ھن ملڪ جي عوام کي ملڻ گھرجي

پهنجو تبصرو موڪليو