اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڄي ملڪ ۾ اڄ عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي، ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد نماز جا هزارين ننڍڙا اجتماع ٿيندا، ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون وينديون. صدر آصف زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي سربراهن طرفان قوم کي عيد الفطر جون واڌايون ڏنيون ويون آهن.صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته خوشي جي ان موقعي تي والاريل ڪشمير جي عوام کي نه وساريو وڃي.هن فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته عالمي برادري غزه ۾ فوري امن ۽ امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي.پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عيد معاشي طور ڪمزور ڀائرن ۽ ڀينرن جي خوشين کي ٻيڻو ڪرڻ جو نالو آهي.هن چيو ته اميرن کي گهرجي ته خوشين ۾ غريبن کي به شامل ڪن ۽ ملڪ لاءِ جانون قربان ڪندڙ پٽن کي خراج عقيدت پيش ڪن.آءِ ايس پي آر موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف، سروسز چيفس قوم کي عيد جون مبارڪون ڏنيون آهن.عيد جي پرمسرت موقعي تي هٿياربند فوج قوم جي نالي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته سپاهين لاءِ عيد جو اصل جوهر فرنٽ لائين تي قوم جي حفاظت ڪرڻ ۾ آهي، الله پاڪ وطن تي سلامتي ۽ خوشحالي آڻي.آءِ ايس پي آر موجب پنهنجي پيغام ۾ پاڪ فوج جي سربراهن چيو ته ان پرمسرت موقعي تي اچو ته پنهنجي قومي هيروز جي غير متزلزل حوصلي کي ياد ڪريون، سندس خاندان جي قربانين جا هميشه شڪر گذار آهيون.










