اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) اترين علائقن ۾ متوقع برساتن ۽ برفباري جي حوالي سان الرٽ جاري ڪيو آهي.اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته 21 کان 24 جنوري تائين اترين علائقن ۾ برسات ۽ برفباري سبب دريائن ۽ واهن ۾ ٻوڏ جو امڪان آهي.اين ڊي ايم اي موجب، مٿانهين علائقن ۾ برفباري ۽ مينهن ڪابل درياءَ ۽ ان جي آس پاس جي دريائن ۽ واهن ۾ ٻوڏ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.ساڳئي طرح، دير، چترال، سوات ۽ ڪوهستان ۾ به ٻوڏ جو امڪان آهي.اين ڊي ايم اي موجب، نوشهره ۽ تربيلا ڊيمن جي هيٺئين حصي ۾ ڪابل درياءَ جي وهڪري ۾ واڌ جو امڪان آهي. صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا هاءِ الرٽ تي آهن. عوام کي صلاح ڏني وئي آهي ته واهن، هيٺاهين وارن علائقن ۽ ڪمزور علائقن جي ويجهو غير ضروري حرڪت کان پاسو ڪن.ٻئي طرف، اربع کان بلوچستان جي اڪثر ضلعن ۾ مينهن ۽ برفباري جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب زيارت، چمن، پشين، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله ۽ قلات ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.ان کان علاوه نوشڪي، هرنائي، ژوب ۽ موسيٰ خيل ۾ تيز هوائن سان گڏ مينهن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. بارکھان، سبي، لورالائي، موسيٰ خيل، ڪيچ، گوادر، لسبيلا، آواران ۽ چاغي ۾ به مينهن جو امڪان آهي.










