مقصد پورا ٿيڻ تائين ۾ غزهه ۾ جنگ جاري رهندي،ياهو

مقصد پورا ٿيڻ تائين ۾ غزهه ۾ جنگ جاري رهندي،ياهو

يروشلم (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته هو غزا ۾ جنگ جاري رکندو جيستائين سمورا مقصد حاصل نه ٿيندا.پرڏيهي خابرو اداري موجب 130 ڏينهن کان جاري اسرائيلي جارحيت سبب 30 هزار فلسطينين سميت ڪيترائي تعليمي ماهر ۽ سائنسدان حياتيون وڃائي ويٺا آهن.پر ان سموري صورتحال جي باوجود اسرائيلي وزيراعظم پنهنجي ضد تي قائم رهيو ۽ چيو ته هو فلسطين سان معاهدي لاءِ ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي کي قبول نه ٿو ڪري ۽ سمورا مقصد حاصل ٿيڻ تائين غزه ۾ جنگ جاري رکندو.هن چيو ته 7 آڪٽوبر جي حملي کانپوءِ اهڙي رياست کي ڪيئن تسليم ڪري سگهجي ٿو؟ حماس جا مطالبا تبديل ٿيڻ تائين جنگ بندي جون ڳالهيون اڳتي نه وڌي سگهن ٿيون.ٻئي طرف حماس غزه ۾ امداد جي فراهمي تائين اسرائيل سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي.ٻئي طرف اسرائيل طرفان ڏکڻ لبنان ۾ شهرين تي حملا جاري آهن، ان حوالي سان حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله جو چوڻ آهي ته اسرائيل کي هاڻي اسان جي شهرين جي خون جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو